دهشتگرد تنظيمن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي: راحيل شريف

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف دهشتگردي تنظيمن سان ڪا به رعايت نه ڪرڻ جو عزم ورجائيندي جٽادار امن ۽ سيڪيورٽي جي حصول تائين ڪارروائيون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ آپريشن ضرب عضب جي اڳڀرائي ۽ فوج جي پيشوراڻي تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس اربع تي جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد ٿي، پيشوراڻي جي دلچسپي وارن معاملن کانسواءِ ڪانفرنس ۾ شامل ٿيندڙن ملڪ جي اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي صورتحال اڀرندڙ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ ان جا پاڪستان جي تعلق جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪانفرنس ۾ شامل ماڻهن کي موجوده ۽ اڀرندڙ خطرن ۽ سيڪيورٽي ۽ ايجنسين پاران سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن ۽ ان جي حامين جي مڪينزم کي ٽوڙڻ لاءِ جاري آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آپريشن ضرب عضب جي اڳڀرائي ۽ فوج جي پيشاورڻين تيارين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. آرمي چيف آپريشن ۾ شامل آفيسرن ۽ جوانن کي سندن ڪاميابي تي خراج عقيدت پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *