دهشتگردي ۽ انتهاپسندي پاڪستان ۽ تاجڪستان جي گڏيل دشمن آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ تاجڪستان ۾ ڏوهارين جي مٽا سٽا ۽ توانائي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ سميت مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته دهشتگرد ٻنهي ملڪن جا گڏيل دشمن آهن، تاجڪستان سينٽرل ايشياي ملڪن لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، مختلف شعبن ۾ سهڪار جاري رکيو ويندو. پاڪستان جي دوري تي پهتل تاجڪستان جو صدر امام علي رحمان  پي ايم هائوس پهتو ته وزيراعظم نواز شريف سندس آجيان ڪئي ۽ مهمان صدر کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي تاجڪستان جي صدر وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي وزيراعظم نواز شريف ۽ تاجڪستان پاران صدر امام علي رحمان سربراهي ڪري رهيو هو. ڳالهين دوران عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ، توانائي، سلامتي، واپار ۽ مواصلاتي شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي سميت انساني اسمگلنگ روڪڻ لاءِ گڏيل سهڪار  تي به ويچاريو ويو. ٻنهي ملڪن ۾ ڏوهارين جي مٽا سٽا ۽ توانائي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ سميت مختلف منصوبن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. گڏجاڻي بعد تاجڪستان جي صدر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته اسلام آباد جو دورو ڪرڻ تي هو تاجڪ صدر کي ڀليڪار ڪري ٿو، وفدن جي اچ وڄ سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم نواز شريف چيو ته تاجڪستان ايشيائي ملڪن لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، تاجڪستان سان دفاع، ثقافت ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان ۾ ڪاسا هڪ هزار منصوبي سان زميني ۽ فضائي رابطا مضبوط ٿيندا، ٻنهي ملڪن ۾ ٿيل معاهدن تي عملدرآمد لاءِ بزنس ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ٻنهي ملڪن جي گڏيل دشمن آهن، ان جي خاتمي لاءِ هڪٻئي سان سهڪار جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان چيو ته علائقائي سهڪار لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي وزن جي حمايت ڪيون ٿا، دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪيو ويندو. تاجڪستان جي صدر چيو ته معاهدن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ ترقي جا نوان رستا کلندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *