دهشتگردي پاڪستان جو وڏو مسئلو ناهي، ان معاملي جي ڪري پنهنجا منصوبا ختم نه ڪنداسينۡ: آمريڪا

لاڙڪاڻو (بيورو) آمريڪي قونصل جنرل ڪراچي برائن هيٿ چيو آهي ته دهشتگردي وڏو مسئلو نه آهي ۽ ان سبب اسان پنهنجا منصوبا ختم نه ڪنداسين. سنڌ جو مستقبل پاڪستان جي ترقي ۾ خاص حيثيت رکي ٿو. سنڌ اسان لاءِ خاص صوبو آهي. موهن جو دڙو جي پراڻي تهذيب کي ڏسڻ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي. هي تاريخي ماڳ آهي، جيڪو وڏي پلاننگ سان جڙيل هو. هن جو نڪاسي وارو نظام انتهائي منفرد آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه موهن جو دڙو جي دوري دوران ۽ نئون ديرو جي ڳوٺ سعيدو ديرو ۾ يو ايس ايڊ پاران سيڪنڊري اسڪول جو ايم اين اي فريال ٽالپر سان گڏ سنگ بيناد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موهن جي دڙي جي بچاءَ لاءِ جيڪڏهن پاڪستان حڪومت ڪو منصوبو جوڙيو ۽ اسان کان مدد گهري ته ان تي غور ڪنداسين. مان هن دوري جون تصويرون نيٽ تي رکندس ته منهنجي آمريڪي دوستن کي اهو ڏسي حسد ٿيندو ته مان موهن جو دڙو تي ويو آهيان. هن چيو ته مان 20 رپين جي نوٽ تي موهن جو دڙو ڏٺو هو ۽ اڄ اکين سان ڏسان پيو. اتان جي ماڻهن کي هي موهن جو دڙو هت اچي ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ اندر يو ايس اي ايڊ 155 ملين ڊالرن جي مدد سان سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام شروع ڪيو آهي ته جيئن اسڪول ۾ نه صرف داخلا ۾ اضافو ڪري سگهجي. ان کي برقرار پڻ رکي سگهجي. 5 سالن واري پروگرام تحت يو ايس ايڊ سنڌ صوبي ۾ 120 اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت ڪري بحال ڪندو. اهي اسڪول 2010 واري ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا هئا. هن پروگرام سان ساڍا 7 لک ٻار پڙهڻ جي اهل ٿيندا. هن چيو ته هي منهنجو پهريون دورو آهي ۽ هي جڏهن اسڪول تعمير ٿي ويندو ته آءُ هتي ٻيهر ايندس ته ان وقت ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا هوندا. هن چيو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ تعليم ڪاميابي جي ڪنجي آهي. تعليم پاڪستان جي نوجوانن کي ان قابل بڻائي ٿي ته اهي پاڪستان جي ترقي يافته ۽ جمهوري ملڪ طور اڳتي وڌائي سگهن ۽ اسان اهو چاهيون ٿا ته اهي ٻار تعليم حاصل ڪري ڪامياب شهري ٿي پنهنجي لکيل جوهر ۽ صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪن. هن چيو ته هن پروگرام کي ٻنهي ملڪن جي عام ماڻهن جي مدد سان ڪامياب بڻايو ويندو. جمهوري روين کي اپنائڻ سان اهي شاگرد پنهنجو مستقبل سنوارڻ لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا. سنڌ جو ماڻهو تعليم جي اهميت کي سمجهي ٿو. مان هتي تعليم کاتي جي ويٺل عملدارن سان گڏوگڏ انهن ماڻهن سان مخاطب آهيان ۽ مان انهن کي هن پروگرام جي اهميت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ۽ انهن اسڪولن جي مالڪي توهان جي ئي ذميواري آهي. هن چيو ته انهن اسڪولن کي با اختيار بڻايو ويندو، ان سان گڏ 400 اسڪولن ۾ سنڌ ريڊنگ پروگرام ڪميونٽي پروگرام متعارف ڪرايا پيا وڃن. جنهن کي عام ماڻهو سمجهي ۽ انهن اسڪولن جي اهميت کي اجاگر ڪندا. هن چيو ته مستقبل ۾ ڇوڪرين جي تعليم آمريڪي عوام جي ڪوششن سان پروگرام شروع ڪيا ويندا. يو ايس ايڊ جي ريجنل ڊائريڪٽر ليون اسڪپ چيو ته اسان 120 اسڪولن جي تعمير وارو پروجيڪٽ سيڪريٽري تعليم سنڌ جي موجودگيءَ ۾ اهو ٽارگيٽ حاصل ڪري وٺنداسين. اهو ان کان بغير ممڪن نه آهي. هن چيو ته تعليم جي سهڪار لاءِ هي اسان جو هڪڙو حصو آهي. جيڪب آباد ۾ 133 بسترن تي ٻڌل اسپتال جو ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهيون. جنهن سان جيڪب آباد ۽ بلوچستان صوبي جي ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو حاصل ٿيندو. 350 ڪروڙ ڊالرن سان سول اسپتال ۾ 60 بسترن تي مشتمل گائني وارڊ جوڙي رهيا آهيون. 6 ڪروڙ ڊالر سان جناح اسپتال ڪراچي ۾ پڻ وارڊ تعمير ڪيو پيو وڃي، ڄامشورو ۽ گڊو پاور هائوس لاءِ 39ڪروڙ ڊالر لاڳت جي پاور اسٽيشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جنهن مان 270 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ ان مان 6 لک ماڻهن کي فائدو حاصل ٿيندو. 382 ڪروڙ ڊالرن سنڌ اندر صحت تي خرچ ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ ماءُ ۽ ان جي ٻار جي نشونما ۾ مدد ملندي. سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ ارب ڊالر جي يو ايس اي ايڊ مدد ڪئي. تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو چيو ته 2011 ۾ يو ايس اي ايڊ ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ 155 ملين ڊالرن جو معاهدو ٿي رهيو هو. ان وقت ڪامورا رڪاوٽ بڻيل هئا ۽ هن پروگرام جي پي سي ون تيار ڪرڻ ۾ 9 مهينا لڳي ويا ۽ 2013 ۾ يو ايس ايڊ سان سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جي نالي سان سنڌ اندر تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻارڙن سنڌي ثقافتي گيت تي رقص ڪري يو ايس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر ڪيٿي مور کي جهومائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ٻارڙن ٽيبلو پيش ڪري آمريڪي قونصل جنرل تعريف ڪرڻ کان رڪي نه سگهيو. ان موقعي تي ايم اين اي فريال ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي ۽ ٻوڏ ۾ متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل اسڪول يو ايس ايڊ جي مدد سان ٻيهر تعمير ڪرايا پيا وڃن. جنهن سان تعليمي معيار بهتر ٿيندو. سنڌ کي معياري تعليم ڏيڻ چاهيون ٿا. جيڪو پ پ جي منشور ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو خواب آهي. ايم اين ايم محمد اياز سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال، ڪلچرل افيئرس جي انچارج لي پنگ لو سميت ماسترياڻيون، شاگرد وڏي انگ ۾ موجود هئا. ان موقعي تي علامت طور آمريڪي ڪانسوليٽ جنرل ۽ ايم اين اي فريال ٽالپر ٻوٽو پوکيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *