دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين جي 30 مئي تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين جي بدين ٿاڻي تي داخل ٽن ڪيسن ۾ 30 مئي تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ذوالفقار مرزا جي گرفتاري کان اڳ ضمانت ۽ سمورا ڪيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جون 2 درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون. اڳوڻو گهرو وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي حامين سميت ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ضمانت لاءِ پهتو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، ذوالفقار مرزا جا حامي به پاڪستان جا جهنڊا کڻي عدالت جي ٻاهران گڏ ٿي ويا. عدالتي ڪمري ۾ ذوالفقار مرزا ۽ پ پ جي جي وڪيلن ۾ ڏند چڪ ٿي، ذوالفقار مرزا چيو ته آصف زرداري کيس مارڻ لاءِ وڪيلن کي موڪليو آهي، هو اهڙن وڪيلن کي سڃاڻي ٿي، اُهي سڀ وٽس سفارشون کڻي ايندا هئا. پ پ جي وڪيل عبدالصمد بلوچ ذوالفقار مرزا کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو مئل گهوڙن سان نه ڳالهائيندو آهي، عدالت ذوالفقار مرزا جي وڪيل جي درخواست تي ٽن ڪيسن ۾ 30 مئي تي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 25 مئي تي مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ذوالفقار مرزا وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت ۽ سمورا ڪيس ڪراچي منتقل ڪري تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ جون درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت ميمڻ پاران ذوالفقار مرزا سان ذاتي تعلق سبب ٻڌڻي کان انڪار ڪرڻ بعد چيف جسٽس ٻنهي درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ 2 الڳ الڳ بينچون قائم ڪري ورتيون آهن. ذوالفقار مرزا جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ قائم ڪئي وئي آهي. ذوالفقار مرزا جا سمورا ڪيس ڪراچي منتقل ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس نعمت الله ۽ جسٽس عبدالمالڪ تي ٻڌل الڳ بينچ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪجهه دير بعد ٻڌڻي ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *