دهشتگردي ناسور بڻجي وئي آهي، مڙني سياسي جماعتن کي گڏ ٿيڻو پوندو: يوسف رضا گيلاني

پشاور (م.د) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دهشتگردي ناسو بڻجي چڪي آهي، دهشتگردن جا هٿ هاڻ قوم جي ڳچين تائين پهچي ويا آهن، پشاور سانحي تي سڄي قوم ڏکوئيل ۽ غمگين آهي، سمورا اختلاف وساري هاڻ سمورين سياسي قوتن کي گڏ ٿيڻو پوندو، پشاور دوري تي اڳوڻي وفاقي وزير ارباب عالمگير جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاي چيو ته پشاور سانحو دل ڏکائيندڙ واقعو آهي جنهن سڄي قوم کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، آرمي پبلڪ اسڪول جي پرنسپل کي اعليٰ سول اعزاز ملڻ گهرجي، سڀني سياسي قوتن کي هڪ ٿيڻو پوندو، افغانستان سان بهتر لاڳاپا قائم ٿيڻ تائين هن نوعيت جا واقعا ٿيندا رهندا، هن جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ آمريڪا جي نه پر اسان جي پنهنجي آهي، دهشتگرد ٻين ملڪن جي جنگ وڙهي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *