دهشتگردي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي، حوصلي سان جنگ وڙهڻي پوندي: چيف جسٽس

ڪوئيٽا( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار چيو آهي ته دهشتگردي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. ڪوئيٽا سانحي جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جيڪڏهن سازش کي ڪامياب ٿيڻ ڏنو ويو ته ايندڙ نسل کي ڪجهه نه ملي سگهندو. هن چيو ته دهشتگردي ملڪ کي ڪمزور  ڪرڻ ۽ امن جي فقدارن جي هڪ سازش آهي. سندس چوڻ هو ته سينئر وڪيلن کي ٻين وڪيلن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته دهشتگردي خلاف هر اداري کي پنهنجو حصو وجڻو آهي. هن چيو ته عدالتن جي سڪيورٽي لاءِ هو گهرو وزير سان رابطي ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي قربانين کانسواءِ حاصل نه ڪيو ويو آهي، بي شمار ماڻهو ملڪ جي تخليق دوران بي گهر ۽ شهيد ٿيا. چيف جسٽس چيو ته دشمن نه ٿو چاهي ته پاڪستان خوشحال ۽ ترقي ڪندڙ ملڪ بڻجي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ حوصلي سان وڙهڻي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪمزور نه ٿيڻو آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگرديءَ جا سبب هڪ ڊگهو بحث آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڪوئيٽا سانحو هڪ واقعو ناهي، پشاور ۾ ننڍن ٻارڙن کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته عدليه سانحي جي رپورٽ تي عملدرآمد ڪرائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *