دهشتگردي عالمي مسئلو آهي جنهن جو سڄي دنيا ۾ مقابلو ڪرڻو پوندو: عاصم سليم باجوه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو آهي ته دهشتگردي عالمي مسئلو آهي. جنهن جو سڄي دنيا ۾ مقابلو ڪرڻو پوندو، سڄي دنيا کي سندن ڪوششن جي حمايت ڪرڻ گهرجي . هڪ انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو ته پاڪستان کي ڀرپور يقين آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ان جو رخ بلڪل صحيح آهي. هن چيو ته هو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان پاڪ پاڪستان چاهين ٿا ان لاءِ کين دنيا جي مدد گهرجي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جن ملڪن دهشتگردي واري جن کي وڌايو آهي اهي ان جي خاتمي لاءِ سندن مدد ڪن. فوجي ترجمان جو چوڻ هو ته دهشتگردن پاران دهشتگردي جون ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارروائيون پاڪ فوج جي عزم ۾ رڪاوٽ نه ٿيون ٿي سگهن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آپريشن ضرب عصب جي شروعات کان پاڪ فوج هميشه دهشتگردن تي حاوي رهي آهي . هن چيو ته انهن دهشتگردن کي سندن ڪئمپن ،پناهگاهن ۽ جتي به اهي پنهنجا هٿيار لڪائي رهيا هئا انهن کي ڪڍي انهن جي پناهگاهن کي تباه ڪيو ويو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانين جي باوجود پاڪستان جي دهشتگردن سان ڳٺ جوڙ جي حوالي سان اولهه واري ملڪن ۾ موجود تاثر بابت ليفٽيننٽ جرنل عاصم سليم باجوه چيو ته جيڪڏهن ڪوئي اهڙا الزام لڳائي ٿو ته اها واقعي افسوس جوڳي ڳالهه آهي . هن چيو ته ان جهڙا الزام بي بنياد آهن ۽ سندن سمجهه کان مٿاهان آهن. فوجي ترجمان ملڪ ۾ اڃان به ڪجهه دهشتگردن جي موجودگي واري خبرن بابت چيو ته دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ لاءِ پاڪ فوج جي اسٽريٽجي بنا ڪنهن فرق جي جاري آهي جنهن ۾ ڪنهن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن جن کي ملڪ اندر توڙي ٻاهر تسليم ڪيو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *