دهشتگردي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي جنرل راحيل شريف جي خدمتن جو اعتراف، برازيل اعليٰ ترين اعزاز ڏيئي ڇڏيو

برازيليه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) برازيل جي حڪومت دهشتگردي جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي خدمتن جو اعتراف ڪندي کيس برازيل جو اعزاز آرڊر آف ميرٽ ڏنو آهي هي اعزاز خاص طور تي هڪ تقريب ۾ ڏنو ويو جنرل راحيل شريف پهريون ايشيائي فوجي سربراهه آهي جنهن کي برازيل پاران هي اعزاز ڏنو ويو آهي ان موقعي تي پيغام ۾ چيو ويو ته جنرل راحيل شريف کي دهشتگردي جي لعنت جي خلاف جرئتمندي سان وڙهڻ مختلف خطرن کي منهن ڏيندي ڪاميابي سان فوج جي قيادت ڪرڻ ۽ قوم کي مايوسي جي عالم ۾ اميد جو ڪرڻو ڏيڻ سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ عظيم خدمتن تي هي اعزاز ڏنو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *