دهشتگردي خلاف ويڙهه ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ پيا وڙهون: آرمي چيف

ڪوئيٽا (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته محفوظ پاڪستان ئي خوشحال پاڪستان بڻجي سگهي ٿو، دهشتگردي خلاف ويڙهه ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ وڙهي پئي وڃي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪوئيٽا پهچي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جو دورو ڪيو. ‎ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته محفوظ پاڪستان ئي خوشحال پاڪستان ٿي سگهي ٿو، دهشتگردي خلاف جنگ ايندڙ نسلن لاءِ آهي هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستان منجهيل خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي اهڙن خطرن سان روايتي نموني سان منهن نٿو ڏئي سگهجي جنرل راحيل شريف چيو ته ضرب عضب بعد شهري علائقن ۾ به دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز ڪيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *