دهشتگردي خلاف ميڊيا به فرنٽ تي وڙهي رهيو آهي، سڀ گڏجي خاتمو ڪنداسين: پرويز رشيد

فيصل آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته دهشتگردي خلاف ميڊيا به فرنٽ تي وڙهي رهيو آهي، سڀ گڏجي دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين، ننڍن شهرن ۾ ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي لاءِ انتطام ڪيا ويندا، اڱاري تي صحافتي تنظيمن پارليامينٽ ٻاهران مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ صحافي اڳواڻن، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ صحافين جي وڏي انگ خانگي ٽي وي ( دنيا نيوز) سان ٻڌي جو اظهار ڪيو، وفاقي وزير پرويز رشيد مظاهري ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته صحافين کي نشانو بڻائڻ جو خطرو موجود هو، ميڊيا تي حملي ۾ ملوث جوابدارن جي ڳچي ۾ انصاف جو فندو ضرور پهچندو، پرويز رشيد چيو ته ميڊيا به فرنٽ تي وڙهي رهيو آهي، دهشتگردي جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، ننڍن شهرن ۾ ميڊيا هائوس جي سيڪيورٽي جا انتطام ڪيا ويندا، هن چيو ته عوام دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، آپريشن ضرب عضب ۾ گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن ان سبب دهشتگردي جا واقعا گهٽجي ويا آهن، هن چيو ته چينل جي آفيس تي حملو مذمت جوڳو آهي، وزيراعظم نواز شريف سميت سموري قيادت هن حملي جي مذڪت ڪئي هئي، حملي ۾ ملوث جوابدارن کي آخري انجام تائين پهچائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *