دهشتگردي خلاف قوم۽ سياسي پارٽيون هڪ آواز بڻجي چڪيون آهن: نواز شريف

رائيونڊ(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته قوم ۽ ملڪ جون سموريون سياسي نتظيمون دهشتگردي خلاف هڪ صف تي موجود آهن رائيونڊ ۾پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، پنجاب ۾ نئين گورنر  جي مقرري ۽ سينيٽ چوندن لاءِ مسلم ليگ ن جي اميدوارن بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ملاقات دوران وزيراعظم نواز شريف وڏي وزير شهباز شريف کي دهشتگردي جي خاتمي واري فورس بابت ڪوششن کي ساراهيو، هن چيو ته ملڪ کي هن وقت دهشتگرد جهڙين سنگين چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيوي آهي، قوم ۽ ملڪ جون سموريون سياسي تنظيمن دهشتگرد خلاف هڪ صف تي موجود آهن، سمورن مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، جنهن جو فائدو عوام  تائين پهچائڻ لاءِ صوبا مناسب قدم کڻن، پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي ملڪ ۽ معيشت کي بي پناهه نقصان پهچايو سمورا ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن قوم دهشتگردي ۽ فرقيواريت خلاف گڏ ٿي چڪي آهي دهشتگردن جي ناپاڪ عزم کي رخ ۾ ملايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *