دهشتگردي خلاف فوج کي پوري قوم جي حمايت حاصل آهي: جنرل راحيل شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف هڪ دفعو ٻيهر چيو آهي ته دهشتگردي خلاف فوج کي پوري قوم جي حمايت حاصل آهي ۽ سڀني کي گڏجي رياست جي دشمنن کي ناڪام بڻائڻو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اها ڳالهه هن عيد ڏينهن خيبر ايجنسي ۾ مقرر فوجين کي خطاب دوران چئي. راحيل شريف عيد ڏهاڙو اولهندي سرحد تي مقرر آفيسرن ۽ جوانن سان گڏجي ملهائي ۽ فرض نڀائڻ ۾ سندن حوصلا وڌايا ۽ انهن جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته پوري قوم کي دهشتگردن خلاف متحد ٿيڻ گهرجي. پاڪستان سپهه سالار ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دهشتگردن کي سرحد پار پنهنجون پنگاهون ٺاهڻ کان روڪڻ لاءِ جي ضرورت آهي. پاڪستاني فوج گذريل سال جون ۾ شدت پسند جي مضبوط ڳڙهه اتروزيرستان ۾ ضرب عضب جي عنوان سان ڀرپور ڪاميابي شروع ڪئي هئي جنهن ۾ هن وقت تائين 3 هزار کان وڌيڪ دهشتگردن کي ماريو ويو آهي ضرب عضب کان علاوه قبائلي خيبر ايجنسي ۾ به خيبر ون ۽ خيبر ٽو جي نالي سان ڪارراوئيون شروع ڪيون ويون فوجي آپريشن شروع ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڏٺي وئي آهي پر هاڻي به تشدد جا ڪجهه واقعا ٿيندا رهن ٿا. جن کي عملدار شدت پسندن خلاف جاري ڪارروائين جو رد عمل قرار ڏين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *