دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آرمي چيف جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن: قائم علي شاهه/عشرت العباد

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنو حسين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ملڪ ڏانهن اٿندڙ هر ميري اک کي ڪڍي ڇڏينداسين.پاڪستان جي قومي ڏيهاڙي تي مُک تقريب گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ صدر ممنون حسين،وزيراعظم نوازشريف ، وفاقي وزيرن ۽ هٿياربند فوج جا سربراهه، چيئرمين جوائنٽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ٻيون اعليٰ شخصيتون شامل آهن.پاڪستان جي ڏيهاري جي حوالي سان رٿيل پريڊ جي شروعات شڪر پڙيان پريڊ گرائونڊ ۾ قومي تراني سان ٿي،جنهن کانپوءِ صدر پاڪستان فوجي جوانن جي دستي جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان صدر ممنون حسين چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به پاڪستان طرف ڏوهه جي نظر سان ڏٺو ته انهيءَ کي چيڀاٽي ڇڏينداسين.سندس چوڻ هو ته پاڪستاني قوم جي جوانن جو حواصلا ۽ طاقت اڄ جي پريڊ جي روح آهن،جنهن مان اهو پيغام ملي ٿو ته پاڪ فوج پنهنجي پيشي ۾ ڪنهن کان به گهٽ يا پوئتي ناهي ۽ پاڪستان جي بچاءُ لاءِ جبل جيان مضبوط آهي.هي پاڪستان جي بانين جو قانوني عزم ۽ قوم جو بي مثال جذبو هيو،جنهن جي قوت سان رڳوهڪ قرار داد جي خيال کي حقيقت ۾ مٽائي ڇڏيوصدر پاڪستان ممنو حسين چيو ته  پاڪستان هن وقت قائد آعظم جي نقش قدم تي هلي رهيو ۽ ملڪ مان انتها پسندي، دهشتگردي اڻ ڀيٽ جي دور مان نڪري رهيو آهي،هن وقت ڪنهن به دشمن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکون ٿا، ڪنهن به پاڪستان طرف ڏوهه جي نظر سان ڏٺو ته انهيءَ جو حشر خراب ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *