دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان جي بقا جي جنگ آهي: وزيراعظم

بنون (م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي سٽيل علائقن کي ترقي يافتا بڻائيندي ۽ آپريشن سٽيلن جي آبادڪاري ۽ متاثر ٿيل علائقن جي ترقي لاءِ فوج سان گڏجي ترقي جو گڏيل منصوبو بڻايو ويندو، حڪومت متاثرن جي بحالي ۽ آبادڪاري لاءِ ڀرپور وسيلا فراهم ڪندي، متاثر ٿيل علائقن جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهو مشڪل دور مان گذري رهيا آهن، متاثرن ملڪ جي فائدي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو گهر ٻار ڇڏيو. بڪاخيل ڪيمپ ۾ اتر وزيرستان جي متاثرن کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ميرانشاهه کي جديد شهر بڻايو ويندو ۽ دهشتگردي خلاف آپريشن جي نتيجي ۾ جيڪي گهر تباهه ٿيا آهن انهن کي نئين سرِ تيار ڪيو ويندو ۽ پوري علائقي کي ٻيهر اڏائي خوبصورت بڻايو ويندو، جنهن جو منظر موجودهه منظر کان به مختلف هوندو، ان سلسلي ۾ عملي ڪم جو آغاز جلد ٿيندو ۽ ان نيڪ ڪم لاءِ اسان کي الله تعاليٰ جي مدد حاصل هوندي. هن چيو ته متاثر ٿيل علائقي کي ترقي يافتا علائقو بڻائڻ لاءِ پورو زور لڳائينداسين ۽ اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ لڏي آيلن جي مشڪلات گهٽائي ۽ اسان کي سندن مڪمل مدد ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ متاثرن جي خاندانن جي خيرو برڪت هجي، حڪومت متاثرن جي گهرن ڏانهن باعزت واپسي تائين سندن سار سنڀال لهندي رهندي. هن اتر وزيرستان جي متاثرن جي مدد ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي قابل واکاڻ قرار ڏنو. ان کان پهريان بڪاخيل ڪيمپ اچڻ تي وزيراعظم کي آپريشن سٽيلن کي فراهم ڪيون ويندڙ سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته بڪاخيل ڪيمپ ۾ 7 0 5 2 خاندان رهيل آهن ۽ هر خاندان کي ماهوار 5 1 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن ۽ عام واهپي جون شيون به فراهم ڪيون پيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *