دهشتگردي خلاف جنگ هر حال ۾ کٽڻي پوندي: يوسف رضا گيلاني

ملتان (م.ڊ) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ هر حال ۾ کٽڻي پوندي ناڪامي جو ڪوبه آپشن ناهي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني جو وڌيڪ چوڻ هو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ وزيراعظم ان ۾ سنجيده ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب ۾ فوج ۽ حڪومت گڏ آهن هي وقت عدليه تي تنقيد جو ناهي، هن جو چوڻ هو ته گستاخاڻن خاڪن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي يوسف رضا گيلاني ٻئين شادي تي عمران خان کي مبارڪباد به ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *