دهشتگردي جي مسئلي سان ملي ڪري مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي: نريندر مودي

کٽمنڊو (م.ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته دهشتگردي جي مسئلي کي ملي ڪري مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان کي هڪٻئي جي حفاظت ۽ ماڻهن جي زندگي جي باري ۾ حساس ٿيڻو پوندو. هڪ پنجاب مان ٻئي پنجاب ۾ سامان پهچائڻ ۾ ڪراچي ۽ دبئي کان به ڪيترا دفعا گهڻو وقت ۽ پئسو خرچ ٿئي ٿو اسان کي ڪاروبار سڌن رستن ذريعي ڪرڻو پوندو اربع تي 18هين سارڪ سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سارڪ ڪانفرنس ۾ ممبئي حملي جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي جي مسئلي جو ملي ڪري مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي وزيراعظم مودي چيو ته اسان کي هڪٻئي جي حفاظت ۽ ماڻهن جي زندگين جي باري ۾ حساس ٿيڻو پوندو. ان واضح ڪيو ته اسان پنهنجي سرزمين کي پنهنجي پاڙيسرين جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ نه ئي اسان جي سرزمين تي ڪوئي پنهنجا اوزار ۽ قوتن جي ذريعي جنگ ڪري سگهندو. افغان صدر اشرف غني امن ۽ خوشحالي لاءِ مضبوط رابطن کي اڻٽر قرار ڏنو. هن چيو ته افغانستان کي دهشتگردي جو مسئلو آهي جنهن جي لاءِ تمام ملڪن کي ملي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. افغان صدر چيو ته رياست جو غير رياستي عناصر کي پناهه ڏيڻ خطرناڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *