دهشتگردي جي ردعمل ۾ پختونن کي هدف بڻائڻ وارو تاثر غلط آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪنهن قسم جو نسلي تعصب نه ٿيندو، دهشتگردي هڪ صوبي تائين محدود ناهي، هن چيو ته دهشتگردي جي ردعمل ۾ پختونن کي هدف بڻائڻ وارو تاثر غلط آهي، دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، ڪو فرقو يا نسل ڪونهي، هن چيو ته معاملي کي بنا سبب اٿارڻ قومي وحدت متاثر ڪرڻ برابر آهي، منهنجي تڪ ۾ پختونن سان افغان مهاجر به رهندا آهن، چار ڏهاڪن کان افغان مهاجرن جي ميزباني ڪئي، ٽيون نسل هتي آهي، نٿا چاهيون ته اسان جي مهمان نوازي تي حرف اچي ۽ زيان وڃي، خواجا آصف چيو ته سمورا افواهه آهن، ڪنهن به پختون کي ٽارگيٽ نه پيو ڪيو وڃي، پختون اڳواڻ ملي ڪري مسئلي جي حل ۾ ڪردار ادا ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *