دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سخت قانون ۽ اثرائتي قدمن جي ضرورت آهي: آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سخت قانونن ۽ اثرائتي قدمن جي ضرورت آهي، آپريشن ضرب عضب دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندو، ايساف ڪمانڊر ۽ افغان جنرل دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن کي بريفنگ ڏيندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ فوج دهشتگردن خلاف مختلف آپريشن شروع ڪيا آهن، آپريشن ضرب عضب ۽ خيبر ون ڪاميابي سان جاري آهن. آرمي چيف چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ هـِن وقت تائين 21 سئو دهشتگرد مارجي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ سئو 90 کان وڌيڪ پاڪ فوج جا جوان پڻ شهيد ٿيا آهن. هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن ضرب عضب جاري رهندو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف وڌيڪ چيو ته دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سخت قانونن ۽ اثرائتي قدمن جي به ضرورت آهي.  پاڪ فوج جي سربراهه ٻڌايو ته ايساف ڪمانڊر ۽ افغان آرمي چيف سان سندس ملاقات ڪاميابي رهي، ٻنهي ڪمانڊرز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *