دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جنگ ۾ اسنيپرز جو ڪردار اهم آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(بيورو) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ سويلين  ادارن سان گڏجي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرائڻ لاءِ تربيتي مقابلا ڪيا ويندا، ملڪ جي جوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي مقابلي لاءِ تيارڪيو وڃي، پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي  آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق جنرل راحيل شريف اهڙن خيالن جو اظهار جهلم ۾ 36 هين پاڪ آرمي رائفل ايسو سي ايشن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، جنرل راحيل شريف جهلم ويجهو فائرنگ رينج جو دورو ڪيو ۽ شوٽنگ ۾ ڪامياب جوانن ۾ ٽرافيون ورهايون، ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته ڪابه مشق مڪمل ٿيڻ ۾ تربيت اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن، هن چيو  ته سنيپرز جو ڪردار دهشتگردي خلاف فيصلائتو آهي، شوٽر تربيتي مقابلن ۾ سموري ملڪ مان 33 سويلين سوڌو 800 ماڻهن شرڪت ڪئي، مقابلن ۾ ڪوسٽ گارڊ ، نيوي ۽ هوائي فوج جي جوانن سوڌو ايف سي ادارن پڻ حصو ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *