دهشتگردي جو مائينڊ سيٽ رکندڙ مدرسن خلاف فل ايڪشن ٿيندو: سنڌ حڪومت

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمن، ملڪ دشمن غير ملڪي عنصرن ۽ دهشتگردي جو مائينڊ سيٽ رکندڙ مدرسن جي خلاف ايڪشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، دهسشتگرد ڀلي ڪهِڙي به پارٽي ، رنگ نسل سان واسطو رکندڙ هوندو کيس ڪنهن به قيمت تي بخش نه ڪيو ويندو، جيڪي به عنصر دهشتگردي ۾ ملوث آهن انهن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. اهڙو اظهار هن ڪالهه چيف منسٽر هائوس ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ جيڪوآپريشن هلي رهيو آهي اهودهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندو ۽ ان آپريشن جو ڪپتان سي ايم سنڌ سيد قائم علي شاهه آهي ۽ ڪراچي ۾ پوليس توڙي رينجرز پاران جيڪو به ايڪشن ٿي رهيو آهي اهو وڏي وزير جي هدايت تي ٿي رهيو آهي رينجرز ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن اسان سڀ گڏجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته ايپيڪس ڪميٽي ۾ سنڌ جي موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ امن امان جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائين کي پڻ ساراهيو ويو هن چيو ته هي آپريشن وقتي رليف لاءِ نه پر هميشه لاءِ دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪي به عنصر ڏوهاري سرگرمين م ملوث آهن يا انهن جي جيڪي مدد ڪري رهيا آهن انهن جو پڻ جڙ کان خاتمو ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته بدنام ڌاڙيل نظرو ناريجو کي مارڻ تي پوليس جي ايڪشن کي پڻ ساراهيو ويو ۽ ان مقابلي ۾ 2 سپاهي جيڪي شهيد ٿياا نهن جي خدمتن تي کين سلام پيش ڪيو ويو . هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪاروائين جي ڪري هن وقت سنڌ ۾ ڏوهن ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي ٿي آهي . هن چيو ته ايڪشن اڃا به جاري رهندو ۽ خاص ڪري انهن پابندي مڙهيل تنظيمن، ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيندڙ مدرسن ۽ ملڪ ۾ رهندڙ انهن غير ملڪين جيڪي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ملڪ دشمنن جي هٿان استعمال ٿين ٿا انهن جي خلاف ڪارروائين ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن دهشتگردي هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *