دهشتگردي جو علاج نه ڪيو ته تاريخ معاف نه ڪندي: وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نوازشريف واضح ڪيو آهي ته دهشٽگردن جي خلاف جهڙا تهڙا نه پر سخت فيصلاڪرڻا پوندا ڪمزور قدم کنيا ويا ته قوم قبول نه ڪندي ڏوهارين کي سزا ملڻ تي ئي عوام مطمئن ٿيندو دهشتگردي ڪينسر جهڙِ بيماري آهي جنهن جو علاج نه ڪيو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي اسان کي پنهنجا خدشا گڏجي ختم ڪرڻا پوندا پاڪستان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردي برداشت نه ڪندو شهرن ۾ به هڪ ضرب عضب ڪرڻ گهرجي افغان فورسز شدت پسندن جي خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي افغانستان جي نئين صدر جو رويو دهشٽگردي جي خلاف مثبت آهي اسان کي فائدو وٺڻ گهرجي اربع تي هتي وزيراعظم هائوس وزيراعظم جي سربراهي ۾ قومي پارليماني جماعتن جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سمورن سياسي جماعتن جي نمائندن مشاهد حسين سيد رشيد گوڊيل عمران خان وزيراعليٰ خيبرپخ تونخواهه شيرين مزاري شاهه محمود قريشي ڊاڪٽر عارف علوي مولانا فضل الرحمان غلام احمد بلور افراسياب خٽڪ بابر غوري غفور حيدري احسن اقبال سعد رفيق آصف ڪرماني آزاد ڪشمير ۾ اپوزيشن ليڊر راجا فاروق حيدر سميت پاڪستاني فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف ۽ فوج جو ڳجهو ادارو آءِ ايس آءِ جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر شريڪ ٿيا ذريعن موجب اسفنديارولي ۽ محمود خان اچڪزئي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي پنهنجا نمائندا موڪليا اجلاس ۾ سمورن صوبن جي وڏن وزيرن کي به گهرايو ويو هو جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شآهه طبيعت خراب هئڻ سبب اجلاس ۾ شرڪت کان موڪل ورتي اجلاس کي شروعاتي خطاب ۾ وزيراعظم نوازشريف چيو ته اجلاس ۾ سمورن سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي شرڪت تي ٿورائتو آهيان هن چيو ته پاڪستان جي غير معمولي صورتحال غير معمولي قدمن جي گهرج ڪري ٿي بيشمار ننڍين ننڍين تنظيمن رياست جي خلاف هٿيار کڻي ورتا آهن پشاور جو واقعو سڄي دنيا لاءِ هڪ الميو آهي ڪيستائين هي ماڻهو قوم جي ٻارڙن معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي ماريندا رهندا ڏوهارين کي سزا ملڻ تي ئي قوم مطمئن ٿيندي اسان ڪمزور قدم کنيا ته قوم قبول نه ڪندي پاڪستان هن جنگ ۾ هن وقت تائين ڳري قيمت چڪائي آهي ان سان اسان جي معيست تي به ڪافي بار پيو آهي دهشتگردي ڪينسر جهڙي بيماري آهي جنهن جو علاج نه ڪيو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي اسان کي ان جي خلاف سخت فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪي پاڪستان کي پاڙان ختم ڪرڻ چاهين ٿا جيڪي قوم جي معصوم ٻارڙن کي قتل ڪري رهيا آهن ڇو ته انهن جي دلين ۾ رحم نه پر پٿر آهي ان موقعي تي جهڙن تهڙن فيصلن جو ڪوئي فائدو نه آهي ان کان اڳ اسان ڪڏهن به فيصلائتي جنگ ناهي وڙهي جڏهن ته هاڻي اسان فيصلائتي جنگ شروع ڪئي آهي هن کان اڳ اسان ڳالهين جي ذريعي به معاملا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي کان پوءِ ضرب عضب جو فيصلو ٿيو ۽ ان سلسلي ۾ به پهريان مشاورت ڪئي ان آپريشن جون ڪارروايون نهايت مثبت رهيون آهن ضرب عضب نه صرف اتر وزيرستان ۾ جاري آهي پر ان سلسلي ۾ اسان افغان عملدارن سان به مسلسل رابطي ۾ آهيون وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ شامل سمورين جماعتن آڏو ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ پشاور سانحي جو المناڪ واقعو آهي خدا نه ڪري اهڙي قسم جا ٻيا واقعا به ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن اسان هن وقت صحيح فيصلو نه ڪيو ته ان جو بار ملڪ جي سمورن سياسي قيادت تي ايندو اسان کي پنهنجا خدشا گڏجي ويهي ختم ڪرڻا پوندا هڪ ضرب عضب اتر وزيرستان ۾ ٿي رهيو آهي ته ٻيو ضرب عضب انهن عنصرن جي خلاف به ٿيڻ گهرجي جيڪي ملڪ اندر ويهي وطن کي غير مستحڪم ڪري رهيا آهن ۽ دهشتگردن جهڙو سوچ جهڙا خيال رکن ٿا وزيراعظم چيو ته قوم جون نظرون پارليماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ آهن اسان جيڪڏهن ڪمزور فيصلا ڪيا ته قوم مطمئن نه ٿيندي هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين دهشتگردي برداشت نه ڪندو شهرن ۾ به هڪ ضرب عضب ڪرڻ گهرجي وزيراعظم چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي جو پشاور جي سانحي تي سمورا اڳواڻ هڪ ئي صفحي تي آهن جهڙي طرح پشاور ۾ ٻارڙن کي ماريو ويو انساني تاريخ ۾ اهڙو مثال شايد ئي ملي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *