دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين،ملالا ننڍي عمر ۾ ڪروڙين ٻارن جي لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجي وئي آهي: وزيراعظم

اوسلو – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ، صنفي برابري ۾ اضافي ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تعليمي موقعن ۾ اضافي جو عزم ڪيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن هتي نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته عورتن، ٻارن ۽ اقليتن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ نمايان قدم کنيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ هڪ جامع معاشرو جوڙڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رهنديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت تعليمي خرچن جي لاءِ جي ڊي پي جي چار سيڪڙو جي اضافي جو پڪوپهه ڪيو آهي ۽ 2005ع جي زلزلي سبب تباهه ٿيندڙ اٽڪل هڪ هزار اسڪولن جي نئين سر تعمير جو ڪم جاري آهي. ملالا يوسفزئي جي بهادري ۽ کري انداز ۾ ڳالهائڻ کي ساراهيندي هن چيو ته ملالا ننڍي عمر ۾ ڪروڙين ٻارن جي لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجي وئي آهي. وزيراعظم تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ ان جي ذاتي دلچسپي کي ساراهيو. زيراعظم چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جو ٺوس عزم ڪيو آهي جنهن سبب ان سڀني کي بهتر تعليم فراهم ڪرڻ جو اسان جو خواب پورو ڪرڻ ۾ ۾مدد ملندي. هن چيو ته انهن ماڻهن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون جن کي دهشتگردن نقصان پهچايو. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد هاڻي فرار ٿي ويا آهن، انهن جي ٺڪاڻن ۽ پناهگاهن جو خاتمو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ملالا يوسفزئي کي نوبل انعام حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي پاڪستان جو فخر قرار ڏنو. ملالا ملڪ ۾ تعليم جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته تعليم دهشتگردي ۽ اهڙي ذهنيت جي خاتمي جي ضمانت آهي. تعليم سان ئي ماڻهن جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. ملالا چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي سمورن علائقن جي ماڻهن جي لاءِ خوشحالي آڻيندو ۽ ان جي لاءِ تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي بهتر پهچ هوندي. هن چيو ته پاڪستان جي خدمت ڪرڻ سندس خواب آهي ۽ هو ملڪ جي غريب ٻارن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم جو صلاحڪار سرتاج عزيز، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ تعليم وارو مملڪتي وزير بليغ الرحمان پڻ موجود هو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:38

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *