دهشتگردي جو الزام هڻي ڀارت پنهنجا گناهه لڪائي رهيو آهي: وزير اعظم

مظفرآباد (م.د) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان تي دهشتگردي جا الزام پنهنجن ئي گناهن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش آهي ڪشمير جي معاملي تي ڪوئي سمجهوتو نٿو ٿي سگهي پاڪستان ڪشميرين جي حمايت ڪندو رهندو. مسئلي کي هر سطح تي کنيو ويندو والاريل ڪشمير تي ڀارتي ظلم انساني حقن جي خلاف ورزي آهي. بيگناهه ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. طاقت سان مسئلو حل نه ٿيندو، عالمي برادري جي اخلاقي دٻاءُ جي ذريعي ڀارت کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻي سگهجي ٿو. ڀارتي فوج جي اشتعال انگيز ڪارروائين سان امن جي قيام جون ڪوششون متاثر ٿي سگهن ٿيون خميس تي مظفرآباد ۾ آزاد ۽ ڄمون ڪشمير ڪائونسل سان خطاب ۾ وزيراعظم نوازشريف ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهين کان انڪار تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري جي اخلاقي داءُ جي ذريعي ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي آڻي سگهجي ٿو حڪومت ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اٿاريو جنهن جو عالمي برادري به نوٽيس ورتو وزيراعظم چيو ته لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي هلندڙ ڀارتي جارحيت اعتماد سازي جي عمل کي نقصان پهچايو وزيراعظم واضح ڪيو ته ڪشمير جي معاملي تي ڪوئي سمجهوتو نٿو ٿي سگهي ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ خاص ڪوششون جاري رکنداسين ڇو ته طاقت جي زور تي مسئلي کي حل نٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم نوازشريف چيو ته ان زندگي ۾ ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت ڪئي ايتري قدر جو اڳوڻي ڀارتي صدر اٽل بهاري واجپائي جي اڳيان به کلي ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي رياستي دهشتگردي جو شڪار آهن ۽ انهن کي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته مالي مشڪلاتن جي باوجود 969 ميگاواٽ نيلم جهلم پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي هن چيو ته مري ۽ مظفرآباد ايڪسپريس وي به رڪارڊ مدت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته منگلا اپريزنگ منصوبي جي سينٽرل ورڪنگ پارٽي منظوري ڏني آهي. صحت جي شعبي لاءِ مختص فنڊ وڌائڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *