دهشتگردي جا 57 ڪيس فوجي عدالتن کي موڪلڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 10هزار اهلڪارن تي مشتمل فورس قائم ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٽن زونز ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دهشتگردي جا 57 ڪيس 10ڏينهن اندر وفاقي حڪومت ذريعي فوجي عدالتن کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ گورنر عشرت العباد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو وٺي مختلف فيصلا ڪيا ويا. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ کي ٽن زونز ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تحت ڪراچي زون جي نگراني ڊي جي رينجرز ڪندو، جڏهن ته حيدرآباد زون جي نگراني جي او سي حيدرآباد ۽ سکر جي زون جي نگراني جي او سي پنو عاقل ڪندو. حيدرآباد زون ۾ ميرپورخاص، نوابشاهه شامل هوندا، جڏهن ته سکر ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن شامل هوندي. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جا 57 ڪيس 10ڏينهن اندر وفاقي حڪومت ذريعي فوجي عدالتن کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 10 هزار اهلڪارن تي ٻڌل فورس قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جنهن کي تربيت آرمي ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *