دهشتگردي جا پيرا سڌا يا اڻ سڌا ٻاهرين ملڪ سان ملن ٿا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپرٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جا پيرا سڌا يا اڻ سڌا ٻاهرين ملڪ سان ملن ٿا. ان جو مقصد اسلام ۽ پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪري پاڪستان کي دهشتگردي جي نرسري قرار ڏيڻ آهي. اسان جو عوام هاڻ باشعور ٿي چڪو آهي ۽ کين ان ڳالهه جي بخوبي ڄاڻ آهي ته هتي ٿيندڙ دهشتگردي ڪير ۽ ڇو ڪري رهيو آهي. اسان جو مذهب اقليتن جي تحفظ جو سبق ڏي ٿو ۽ پاڪستان جي آئين تحت اقليتن کي هتي مڪمل آزادي آهي. نفرتون پکيڙيندڙ سوچن خلاف هاڻ اسان کي گڏ ٿيڻو پوندو ۽ اتحاد سان ئي اسان انهن سازشن جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان علماءِ ڪونسل سنڌ تحت ڪوٺايل پيام امن ڪنوينشن کي خصوصي مهمان جي حيثيت سان ڪندي ڪيو. ڪنوينشن کي پاڪستان علماءِ ڪونسل جي مرڪزي چيئرمين علامه طاهر محمود اشرفي، مولانا زاهد محمود قاسمي، مولانا امجد، مولانا طارق محمود مدني، مولانا عبدالماجد فاروقي، مولانا حبيب الرحمان، قاري محمد اعظم فاروقي، علامه جعفر سبحاني، علامه محمد احسان صديقي، محمد مشتاق ڪلوٽا، مفتي محمد يوسف قصوري، مولانا محمد ساجد، مسلم ليگ (ن) جو علي اڪبر گجر، پنڊت شام لعل شرما سميت سمورن مسلڪ ۽ مذهبن جي عالم سڳورن ۽ اڳواڻن خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان سڀني جو مقصد هڪ ئي آهي ته پاڪستان جي بقاءُ ۽ سالميت تي ڪو آنچ نه اچي. هن چيو ته اڄ پاڪستان علماءِ ڪونسل پاران ان ڪانفرنس جي بندوبست ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻ هن ملڪ ۾ ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهائڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه سانحن ۽ واقعن کان پوءِ جذباتي تقريرون ڪيون وينديون هيون پر ان جو هرگز اهو مقصد ناهي ته اسان ۾ ڪنهن قسم جو ڪو اختلاف آهي. هن چيو ته اسان جو عوام هاڻ باشعور ٿي چڪو آهي ۽ کين انهن سازشن جي بخوبي ڄاڻ اٿن. شرجيل ميمڻ چيو ته اڄ پورو ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ اسان ان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ان خلاف قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته دهشتگرد انسان، پاڪستان ۽ مسلمانن جي دشمن آهي ۽ ان جو ڪوبه مذهب ۽ مسلڪ ناهي هوندو. هن چيو ته مدرسا اسان جي نوجوانن کي علم جي زيور سان مالامال ڪرڻ مصروف عمل ۾ آهن پر جيڪي مدرسا اسلام ۽ مذهب جي آڙ ۾ دهشتگردي جي تعليم ڏئي رهيا آهن انهن خلاف به اسان سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو ۽ انهن جي نشاندهي ڪرڻي پوندي. شرجيل ميمڻ چيو ته دشمن پاڪستان ۾ دهشتگردي ذريعي عالمي سطح تي پاڪستان ۽ اسلام جي تشخص کي بيگاڙڻ چاهي ٿو ۽ ان ۾ ٻاهريون طاقتون شامل آهن. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي ان جا سڌا يا اڻ سڌا ٻاهرين ملڪ سان جڙيل آهن، جيڪو پاڪستان ۾ انتشار ۽ انارڪي پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ان جو مقصد قائداعظم محمد علي جناح جي تلقين ۾ ڏار وجهڻ ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙهائڻ آهي. هن پشاور سانحي ۽ شڪارپور سانحي جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن سانحن تي ڪنهن به پاڪستاني يا مسلمان جو دل رت جي ڳوڙهڻ سان ڀريو پيو آهي، پر جيڪڏهن ان تي ڪنهن کي خوشي ٿي ته اهو مسلمانن، پاڪستانن ۽ انسانيت جي دشمنن کي ٿي هوندي. ان موقعي تي هن اقليتن جي تحفظ کي حڪومتي ۽ مسلمانن جي اولين ذميواري قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ انهن کي اها آزادي موجود آهي، جيڪا هڪ مسلمان کي هتي آهي. هن چيو ته اسان جو مذهب اسلام اقليتن جي احترام جو درس ڏي ٿو ۽ اسان تي لازم آهي ته اسان انهن جي عبادتگاهن ۽ انهن جو مڪل تحفظ ڪريون. ان موقعي تي هن پاڪستان علماءِ ڪونسل جي مرڪزي چيئرمين علامه طاهر اشرفي کي پيام امن ڪنوينشن جي ڪامياب بندوبست ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت امن امان جي قيام ۾ هر وقت سندن گڏ موجود آهي. هن چيو ته جيڪا سوچ هن ملڪ ۾ نفرتون پکيڙڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي ان کي شڪست ان صورت ۾ ڏئي سگهجي ٿي ته اسان ۾ مڪمل اتحاد ۽ ٻڌي هجي. هن چيو اسان کي هاڻ ماضي کي ويساري مستقبل جي فڪر ڪرڻي پوندي ۽ ان لاءِ گڏ ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي وئي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته هن وقت ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ چئلينجن جو مقابلو صرف ۽ صرف اتحاد ۽ ٻڌي ئي آهي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي علامه طاهر اشرفي ۽ ٻين چيو ته هن وقت ملڪ جن چئلينجن ۽ خاص طور تي دهشتگري کي منهن ڏئي رهيو آهي ان سان نبرڻ لاءِ سمورن مذهبن ۽ عوام هڪ پليٽ فارم تي هاڻ متحد ٿي چڪو آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن هن ملڪ مان دهشتگردن ۽ ملڪ ۽ اسلام دشمن قوتن جو خاتمو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *