دهشتگردي جا اهڙا واقعا اسان جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهن: آرمي چيف

لاهور (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه لاهور ڌماڪي جي متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ته اهڙا واقعا دهشتگردي جي خاتمي جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، دشمن انٽيليجنس ايجنسين ۽ ريجنل ايڪٽرز دهشتگردي کي پاليسي ٽول طور استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن افغانستان جي ڌرتي اهڙا ماڻهو بنا روڪ جي استعمال ڪندا رهيا ته ٻئي ملڪ دهشتگردي جو شڪار رهندا، افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ دهشتگردن جون پناهه گاهون آهن ۽ انهن جي خاتمي ۾ مدد لاءِ تيار آهيون، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف اڱاري تي لاهور هيِڊڪوارٽر ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس دوران آپريسن رد الفساد ۽ گذريل ڏينهن ٿيل ڌماڪي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ڌماڪي جي متاثرن ۽ انهن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي آرمي چيف چيو ته اسان دهشتگردن جي ماسٽر مائينڊن ۽ سهولتڪارن جي وچ ۾ رابطا ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهيون، هن چيو ته دهشتگردي خلاف هڪ قوم جي حيثيت سان جنگ وڙهي آهي، ڪاميابي جي ڪونجي اها آهي ته شهرين پاران ڪنهن به شڪي سرگرمي جو اطلاع قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏنو وڃي ۽ اهڙي طرح دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قومي شرڪت يقيني بڻائي سگهجي ٿي. هن اهو پڪو پهه ڪيو ته پاڪستان سرحدي علائقن مان دهشتگردن جو محفوظ پناهه گاهون ختم ڪرڻ لاءِ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان کانپوءِ آرمي چيف جنرل اسپتال ۾ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *