دهشتگردي بابت آگاهي لاءِ ڄاڻ جي ڏي وٺ ڪرڻي پوندي : نواز شريف

کٽمنڊو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان، دنيا ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ ان لاءِ ڪوششون جاري رکندو،سارڪ جــَي ميمبر ملڪن وچ ۾ ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻي پوندي. نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو ۾ 18 هين سارڪ سربراهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هــُو سارڪ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي نيپال جي حڪومت کي واڌايون ڏئي ٿو. نواز شريف چيو ته دهشتگردي سڄي دنيا لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ سارڪ ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سارڪ جي ميمبر ملڪن کي عوام جو خيال رکڻو پوندو،کين پنهنجي پروگرامن ذريعن ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻي پوندي ته جيئن خطو ترقي ڪري سگهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا جا سمورا ملڪ جمهوريت تي يقين رکن ٿا ۽ هــُو سارڪ ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي يقين رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته هن وقت سارڪ ملڪن وچ ۾ ٻوڏ جي وارننگ جو نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪنهن به وڏي نقصان کان محفوظ رهي سگهجي. سارڪ ملڪن، خطي ۾ امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ توڙي لاڳاپا وڌائڻ تي زور ڀريو آهي،ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ جو چوڻ آهي ته ميمبر ملڪن کي ڳالهيون ۽ واپاري معاهدا ڪرڻ گهرجن. نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو ۾ ”امن ۽ خوشحالي لاءِ مضبوط رابطا“ جي عنوان هيٺ ٻن ڏينهن تي ٻڌل 18 هين سارڪ سربراهي ڪانفرنس جاري آهي. سارڪ ڪانفرنس ۾ پاڪستان، ڀارت، نيپال، ڀوٽان، مالديپ، افغانستان ۽ سريلنڪا جا سربراهه شريڪ آهن. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته هــُو خطي ۾ معاشي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ چاهين ٿا، ڀارت امن ۽ ترقي لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. نريندر مودي چيو ته سارڪ جا ميمبر ملڪ هڪ جهڙين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ميمبر ملڪن ۾ ڳالهيون ۽ واپاري معاهدا ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته علائقائي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، تيل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جلد مالديپ سان معاهدا ڪيا ويندا. ان کان اڳ سارڪ ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي نيپالي وزيراعظم ســُشيل ڪوئرالا چيو ته ڏکڻ ايشيائي خطو دهشتگردي ۽ ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏئي رهيو آهي،خطي جي ملڪن کي غربت ۽ جهالت خلاف گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. سشيل ڪوئرالا چيو ته سارڪ ميمبر ملڪن ۾ ريل، روڊن ۽ هوائي رابطن کي هٿي وٺرائڻي پوندي،ڏکڻ ايشيا جا ملڪ سهڪار کي هٿي ڏئي ترقي ڪري سگهن ٿا. سشيل ڪوئرالا چيو ته ڄاڻ جي مٽا سٽا سان سڪيورٽي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته خطي جي ڪنهن مسئلي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي،زراعت، صحت، تعليم ۽ عورتن کي اختيار ڏيڻ وارن معاملن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. افغان صدر اشرف غني سارڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي امن ۽ خوشحالي لاءِ مضبوط رابطن کي اڻٽر قرار ڏنو. هن چيو ته افغانستان دهشتگرديءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن لاءِ سمورن ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. افغان صدر اشرف غني چيو ته رياست جو غير رياستي عنصرن کي پناهه ڏيڻ خطرناڪ آهي. سريلنڪا جي صدر مهيندا راجا پاڪســَي ميمبر ملڪن کي ريلوي ۽ روڊن ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سريلنڪا جي صدر جو چوڻ هو ته سارڪ ملڪن کي معيشت کي ترقي ڏئي امير ۽ غريب جو فرق ختم ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *