دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ افغانستان سان گڏ آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف لعنت خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان افغانستان سان گڏ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ڪابل ملٽري اڪيڊمي ويجهو دهشتگرد حملي جي مذمت ڪري ٿو ۽ خوفناڪ حملي ۾ قيمتي جاني نقصان تي کين افسوس آهي. هن چيو ته هو زخمين جي تيزيءَ سان صحتيابي لاءِ دعاگو آهن، دهشتگرديءَ جي لعنت خلاف ويڙهه ۾ افغان حڪومت سان گڏ آهن، جڏهن ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ رياستن ۾ ويجهي سهڪار جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *