دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سنڌ سرڪار سان سهڪار جاري رکيو ويندو: چوڌري نثار

اسلام آباد(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي پاڪستان مسلم ليگ(ن) سنڌ جي صدر محمد اسماعيل راهو سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي صورتحال خاص طور تي سنڌ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ، امن ۽ سيڪيورٽي جي قيام لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *