دهشتگردن ۽ ڪالعدم تنظيمن خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي: آصف علي زرداري

اسلام آباد(اي پي پي) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردن ۽ ڪالعدم تنظيمن خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي ۽ انهن جي حامين ۽ مالي مدد فراهم ڪندڙن جي لڪل هٿن کي منهن ڏنو وڃي. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن دبئيءَ ۾ اڳوڻي گهرو وزير سينيٽر رحمان ملڪ سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ رحمان ملڪ اڳوڻي صدر کي ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سلامتي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. رحمان ملڪ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ وطن لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ شهيدن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. اڳوڻي صدر چيو ته سنڌ رينجرز ۽ پوليس ڪراچيءَ کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ شاندار نموني ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ جاري آپريشن جي نتيجي ۾ ڪراچي واسين سک جو ساهه کنيو آهي. هن چيو ته سندس جماعت ۽ حڪومت دهشتگردن خلاف سنڌ رينجرز سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائين جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. پ پ هميشه دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حمايت ڪئي آهي. ملاقات دوران رحمان ملڪ آصف علي زرداريءَ کي ملڪ سميت ڪراچيءَ ۾ داعش جي وڌندڙ خطري ۽ ان جي ڪاررواين متعلق آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *