دهشتگردن ۽ انهن کي سهولتون ڏيندڙن کي نشان عبرت بڻائينداسين: شهبازشريف

لاهور (بيورو) پنجاب جي وڏي وزير محمد شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ کي معاشي خوشهالي سان ڪامياب ڪرڻ لاءِ دهشتگردي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت کي ختم ڪرڻ اڻٽر آهي قوم جي اتحاد جي طاقت سان دهشتگردي جي ڀلا جي منڍي چٿي ويندي دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽڻ قوم جي هر فرد جو عزم ۽ مشن آهي دهستگردي جي خاتمي جي جنگ ۾ پاڪستان جو بهادر عوام ڪاميابي ماڻيندو ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل ۽ پاڪستان جي بقا جي جنگ کٽڻ تائين سک سان نه ويهنداسين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت مڪمل هم آهنگي سان اڳتي وڌي رهيون آهن وڏي وزير شهبازشريف اهڙن خيالن جو اظهار هتي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وير چيو ته پرامن مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جا قدم کنيا پيا وڃن ملاقات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ميان ايم رشيد صوبائي اسيمبلي ميمبر حسن رياض علي عباس چوڌري افتخار حسين ۽ ٻيا شامل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *