دهشتگردن کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت فوجي عدالتن جو ريموٽ ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ رکيو: طاهر القادري

لاهور (بيورو) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته اسان جي 22 ڪارڪنن کي شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ کي سخت زخمي ڪرڻ 25 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي بنا ڏوهه بند ڪرڻ ۽ صوبي ۾ سوين جعلي ڪيس هلائڻ جي باوجود نام نهاد جمهوري حڪمرانن جي انتقام جي باهه اجهامي نٿي، هزارين مدرسن رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ بيروني فنڊن جو تفصيل فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، حڪومت انهن آڏو بيوس، لاچار نظر پئي اچي پر دهشتگردي خلاف سڄي دنيا ۾ اثرائتو آواز اٿارڻ تي منهاج القرآن اداري کي رجسٽريشن منسوخ ڪرڻ جو نوٽيس اماڻيو ويو، اڪاڙا، بکر، شور ڪوٽ سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڄ به اسان جي ڪارڪنن کي پڪڙي بند ڪيو پيو وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ آرمي چيف کي چئون ٿا ته قومي ايڪشن پلان تي ناڪام ۽ قومي ٻڌي جي ماحول کي ناڪام ڪندڙ ان جعلي عوامي حڪومت جي دهشتگردي جو نوٽيس وٺي، اهڙن خيان جو اظهار هن مڪي پاڪ مان سينٽرل ورڪنگ ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ مرڪزي صدر ڊاڪٽر رحيق احمد عباسي، جنرل سيڪريٽري خرم نواز گنڊاپور، جي ايم ملڪ، جواد حامد، ساجد ڀٽي، احمد نواز انجم، حنيف مصطفيٰ، فياض وڙائچ، قاضي فيض، نور الله صديقي شريڪ ٿيا، ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته شريف حڪومت جمهوريت جي نالي چٽو آهي، هي جيستائين اقتدار تي مڙهيل رهندا عوام جا مسئلا نه حل ٿيندا ۽ نه ئي دهشتگردي ختم ٿيندي، ڇو ته اهي خود سڀ کان وڏا دهشتگرد آهن، هن چيو ته پشاور سانحي کي 50 ڏينهن گذري ويا، اڃاتائين فوجي عدالتن کي ڪم شروع ڪرڻ نه ڏنو ويو آهي، پهريان ايڪيهين آئيني ترميم جي آڙ ۾ وقت وڃايو ويو ۽ هاڻ رولز اينڊ ريگيوليشن جي تياري ۾ قوم کي ڦاسائي دهشتگردن کي وڌيڪ ڌماڪا ڪرڻ ۽ بيگناهن جو رت وهائڻ جو وقت ڏنو ويو، پشاور سانحي کانپوءِ شڪارپور سانحي ۾ قوم 60 لاش کنيا پر حڪمرانن جا ستل ضمير نه جاڳيا، هن چيو ته حڪمرانن جي نيت صاف هجي ها ته قومي ايڪشن پلان تي عمل شروع ڪرڻ لاءِ 50 ڏينهن ڪافي هئا، هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي نالي تي اڃاتائين تماشو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته حڪومت دهشتگردن کي رليف ڏيڻ لاءِ فوجي عدالتن جو ريمورٽ ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ رکيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *