دهشتگردن خلاف ڪامياب جنگ وڙهي رهيا آهيون، ڀڄندڙ دهشتگردن يونيورسٽي تي حملو ڪيو: نواز شريف

ڊيوس (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي اسان کي ورثي ۾ مليل آهن، ضرب عضب جا بهترين نتيجا اڳيان اچي رهيا آهن، ڀڃندي دهشتگردن چار سده ۾ يونيورسٽي کي نشانو بڻايو، اقتصادي راهداري رٿا سان پاڪستان سميت خطي کي فائدو ٿيندو، ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار وڌندي، خميس تي عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف ڪامياب جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ هاڻ دهشتگرد ڀڃي رهيا آهن، ڀڃندي دهشتگردن چار سده ۾ يونيورسٽي کي نشانو بڻايو، پاڪستان دهشتگردي جي جنگ خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو جنهن جا بهتر نتيجا اچي رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي، معيشت، توانائي سميت جهڙا ٽئي وڏا چيلينجز اڳيان آهن، اقتصادي راهداري رٿا سان پاڪستان سميت خطي کي فائدو ٿيندو، ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته حڪومتي پاليسين سبب اقتصادي محاذ تي ڪاميابي ملي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *