دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ ڏنل قربانيون ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين: پاڪ فوج

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارتي ايجنسي “را” جي مداخلت تي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس سخت نوٽيس ورتو آهي. آرمي چيف خبردار ڪيو آهي ته دهشتگردن ۽ ڏوهارين  خلاف ڪارروايون ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ امن جو راڄ قائم ڪرڻ آهي.پاڪستان جي عزت ۽ وقار جو هر قيمت تي تحفظ يقيني بڻايو ويندو.جنرل هيڊ ڪواٽرز راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ آپريشن ضرب عضب، پوري ملڪ ۾ دهشتگردن  جي خلاف هلندڙ مهم سوڌو اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ را جي مداخلت تي سخت نوٽيس ورتو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف خطاب ڪندي دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ  واري  عزم کي ورجايو ۽ اهو به چيو ته دهشتگردن ۽ ڏوهارين جي خلاف غير سياسي  بنا ڪنهن مد ڀيد جي ڪارروايون جاري آهن ۽ جاري ، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ آهي.هن چيو ته دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ ڏنل قربانين کي ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين . آرمي چيف چيو ته  دهشتگردي  کان پاڪ پاڪستان پوري قوم جو عزم آهي. پاڪ فوج پاڪستان جي عزت ۽ واقار  جو هر قيمت تي تحفظ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *