دهشتگردن خلاف ڪارروائي بنا فرق جي جاري آهي: آرمي چيف

واشنگٽن(م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪ فوج طرفان دهشتگردن خلاف آپريشن ”ضرب عضب“ بنا ڪنهن متڀيد جي هلي رهيو آهي ۽ ان جو مقصد دهشتگردي جي مڪمل پاڙ پٽڻ آهي. امريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جليل عباس جيلاني طرفان امريڪا جو دورو ڪندڙ پاڪستاني فوجي وفد جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي جنرل راحيل شريف چيو ته مان اها ڳالهه واضح طور چوان ٿو ته اهو آپريشن بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل ۽ متڀيد جي هر قسم جي دهشتگردن خلاف جاري آهي، پوءِ اهو حقاني نيٽ ورڪ هجي يا تحريڪ طالبان پاڪستان يا ڪو ٻيو دهشتگرد گروهه. هن چيوته ضرب عضب آپريشن پختي عزم ۽ خلوص سان شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ سياسي حڪومت سان مشاورت پڻ ڪئي وئي آهي ۽ ان آپريشن کي سڄي قوم جي حمايت حاصل آهي جنهن تي پاڪ فوج کي ان ڳالهه تي وڏو فخر آهي ته ان آپريشن ۾ وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. جنرل راحيل شريف چيو ته ضرب آپريشن رڳو فوجي فرض ناهي پر اهو دهشتگردي جي هر قسم ۽ روپ کي شڪست ڏيڻ بابت هڪ تصور آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف مهم رڳو وزيرستان ۽ خيبر قبيلائي علائقن تائين محدود ناهي پر ان جو دائرو سڄي ملڪ تائين وڌايو ويو آهي. هن چيو ته افغانستان جي نئين صدر ڊاڪٽر اشرف غني جي انتظاميه تحت ايندڙ ڪجهه مهينن اندر پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي سهڪار جي اميد آهي جنهن سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام ايندو. هن چيو ته داعش کي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پنهنجين ڪاررواين کي وڌائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن پنهنجي امريڪي دوري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهو تمام سٺو رهيو ۽ دوري دوران هن جون ڪيترن ئي اهم فوجي عملدارن سان لاڀائتيون گڏجاڻيون ٿيون آهن. ان موقعي تي امريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جليل عباس جيلاني دهشتگردي خلاف پاڪستان جي عزم ۽ اداري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ امريڪا جي ناتن ۾ بهتري اچي رهي آهي پر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هاڪاري اڳڀرائي جو دارومدار ٻنهي ملڪن جي ناتن ۾ وڌيڪ مضبوط هئڻ تي آهي. جليل عباس جيلاني چيو ته دفاعي ناتا پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ موجود وسيع تر ناتن ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. ان موقعي تي ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي امريڪا جي خاص ايلچي ڊن فيلڊ مين چيو ته پاڪستان جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جون پنهنجي دوري دوران امريڪي اختيارين سان تعميري ۽ هاڪاري گڏجاڻيون ٿيون آهن جنهن جا بهتر نتيجا سامهون ايندا. ٻئي طرف پاڪستان جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار سوزن رائس سان ملاقات ڪئي جنرل راحيل شريف ورڪنگ بائونڊري ۽ لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي جارحيت کان ان کي آگاهه ڪيو، ان دوران هن جو چوڻ هو ته دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري آهي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي آمريڪيدوري ۾ ان جي اهم سياسي ۽ فوجي اختيارين سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي آرمي چيف جنرل راحيل شريف آمريڪي هم منصب سان ملاقات کانپوءِ آمريڪي جي پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ خصوصي نمائندي ڊينيئل ايف فيلڊ مين سان به ملاقات ڪئي، دوري دوران پاڪستاني عسڪري وفد آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر سوزن رائس سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي سلامتي ۽ آمريڪي فوج جي افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ افغانستان جي صورتحال بابت ٻه طرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *