دهشتگردن خلاف آپريشن پنجاب پوليس سان گڏ نه ڪيو ويندو: آرمي چيف

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن پنجاب پوليس سان گڏجي نه ڪيو ويندو. رپورٽ موجب آرمي چيف پنجاب ۾ دهشتگردي خلاف انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته جيئن ماضي ۾ پنجاب پوليس  صوبائي انٽيليجنس ايجنسين سان گڏجي آپريشن ڪيا ويندا هئا، هاڻ اهي نه ڪيا ويندا. پنجاب ۾ دهشتگردي جي مانيٽرنگ آرمي چيف پاڻ ڪندو ۽ ان ۾ رينجرز توڙي آءِ ايس آءِ اختياريون پڻ شريڪ هونديون. واضح رهي ته پنجاب ۾ فوجي آپريشن جو فيصلو لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ آپگهاتي ڌماڪي کانپوءِ ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *