دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، اهي وڌيڪ ڪارروايون ڪري حڪومت کي ڊيڄاري نٿا سگهن: عابد شير علي

حيدرآباد(بيورو) پاڻي ۽ بجليءَ واري مملڪتي وزير عابد شير علي لاهور بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، اهي وڌيڪ ڪارروايون ڪري حڪومت کي ڊيڄاري نٿا سگهن. حيدرآباد ۾ حيسڪو جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته لاهور پوليس بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن سبب دهشتگرد پنهنجي اصل هدف ڏانهن نه وڃي سگهيا پر تنهن هوندي جيڪو نقصان ٿيو آهي ان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي ۽ هو شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت ڪري ٿو ۽ يقين ڏياري ٿو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو پڻ عزم آهي ته دهشتگردن کي ختم ڪري ئي ساهه کڻندا. هن وڌيڪ چيو ته بلديه ٽائون علي انٽر پرائيز گارمينٽس فيڪٽري جو واقعو پڻ حڪومت لاءِ هڪ چئلينج آهي، جيتوڻيڪ اهو واقعو گذريل حڪومت ۾ ٿيو آهي تنهن هوندي به ان واقعي بابت انڪشاف جي آءِ ٽي ڪيا آهن. وزيراعظم محمد نواز شريف ان جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ ان سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ڪميشن قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اها پهرين حڪومت آهي جنهن پاڪ فوج سان گڏجي دهشتگردن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، قوم کي به ان حوالي سان تيار رهڻو پوندو، وحشي عنصرن پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچايو آهي ۽ دنيا ۾ اسان جي قوم جو تاثر خراب ڪيو آهي، ان خوفناڪ راند جي خاتمي لاءِ وحشين کي سرعام ڦاهيون ڏنيون وينديون. هن چيو ته حڪومت جي وڌ کان وڌ ڪوشش آهي ته لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آندي وڃي ۽ 2017ع ۾ پاڪستان لوڊشيڊنگ فري ملڪ ٿي ويندو. هن چيو ته نيلم- جهلم پاور پراجيڪٽ لاءِ رقم جي فراهميءَ بابت وزيراعظم فنانس ڊويزن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن جنهن مان 2016ع تائين بجليءَ جي پيداوار شروع ٿي ويندي، جڏهن ته نندي پور پراجيڪٽ مان تمام جلد پيداوار شروع ٿيڻ واري آهي. هن چيو ته هن وقت واپڊا جي صارفين جي بلن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ جيڪي به ملازم يا عملدار بلن جي صورت ۾ ڪرپشن ۾ ملوث هوندا انهن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ عوام جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي اتي لڳاتار بجليءَ جي فراهم جاري رکي ويندي ۽ قانون مطابق پوري ملڪ جي قوم کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته ايران سان ٿيل معاهدو التوا جو شڪار ناهي ان تي ڪم جاري آهي. نواز شريف جي حڪومتي دؤر ۾ ڪنهن کي به بي روزگار نه ڪيو ويندو جيڪڏهن ڪنهن هنڌ ڪنهن اداري کي خانگايو ويو ته ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. احتجاج ڪندڙ ڪم ڏانهن ڌيان ڏين انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. هن چيو ته بجلي چوريءَ کي روڪڻ لاءِ ڊجيٽل ميٽر لڳايا پيا وڃن. هڪ سوال تي هن چيو ته پيٽرول جا اگهه گهٽايا ويا آهن پر مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي، پيٽرول جا اگهه گهٽجڻ جو فائدو عوام کي پهچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *