دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، امن لاءِ سمورين ڌرين جو سهڪار گهرجي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ تعليمي نصاب تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن جو نگران وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي هوندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مدرسن تي ڇاپن ۽ گرفتارين بابت عالمن جا خدشا ختم ڪيا ويندا. وزيراعظم نوازشريف ڳالهائيندي چيو ته هوائي فوج آپريشن ضرب عضب ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قومي لائحه عمل لاءِ ويهه نقاطي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته قومي لائحه عمل جي ايجنڊا تي سموري سياسي قيادت سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا. نوازشريف چيو ته ايندڙ نسل لاءِ خوشحال پاڪستان بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اتروزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب جنگ وڙهي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. هن چيو ته امن قائم ڪرڻ ۽دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورين ڌرين جي سهڪار جي ضرورت آهي. اميد کان وڌيڪ ڪاميابيون هن چيو ته ملي رهيون آهن. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ، گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *