دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين امن قائم نه ٿيندو: آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، قوم هٿيار فوج جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ميجر جنرل عاصم باجوه طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف خيبر ايجنسي ۾ اڳئين مورچن جو دورو ڪيو ۽ دهشتگرن خلاف جاري آپريشن ۾ ٿيل اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو. آرمي چيف، فوجين جي قربانين تي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي ۽ جوانن جي عزم جي واکاڻ ڪئي جڏهن ته هِن علائقي مان دهشتگردن جي خاتمي  لاءِ مقامي قبيلن جي حمايت جي تعريف ڪئي. دوري دوران آرمي چيف کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن خلاف ڪارروائيون پاڪ افغان سرحد سان لاڳاپيل علائقن تائين جاري آهي. بريفنگ موجب افغانستان ويندڙ دره مساتيل به پاڪ فوج جي مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ڪنهن دهشتگرد کي فرار ٿيڻ جي هر صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آپريشن خيبر ٽـُو دوران تيره ماٿري ۽ ٻين علائقن ۾ مختلف ڪارروائين دوران هن وقت تائين 263 دهشتگردن کي ماريو ويو جڏهن ته 35 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا، ان کانسواءِ پاڪ فوج جي اسپيشل انجنيئرز يونٽ 392 بارودي سرنگهون به ناڪاره بڻائي ڇڏيون. ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. جنرل راحيل شريف چيو ته قوم هٿياربند فوجن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *