دهشتگردن جي خاتمي تائين فوج واپس نه ويندي: آرمي چيف جو اعلان

فاٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو چوڻ آهي ته آپريشن ضرب عضب ۾ قبائلين جي قربانين ۽ حمايت تي شڪر گذار آهيان قوم جي حمايت سان دهشتگردن کي سندن علائقن مان ڪڍي ڇڏيو آهي جڏهن ته دهشتگردن کي واپس اچڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي دهشتگردي جي خاتمي تائين فوج واپس ويندي. آئي ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڏکڻ وزيرستان جو دورو ڪيو جتي هنن ڪيترن ئي منصوبن جو افتتاح ڪيو جڏهن اُهي منصوبا آپريشن کانپوءِ فاٽا جي بهالي پروگرام جو حصو آهن. پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف وانا لا3 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن، 54 ڪلوميٽر ٽرانسميشن لائين ۽ ٽانڪ ڊي آئي خان وچ ۾ 62 ڪلوميٽر روڊ جو افتتاح ڪيو جيڪو مقامي ماڻهن جي مطالبي تي قائم ڪيو ويو آهي. ڊي جي آئي ايس پي موجب پاڪ فوج جي سربراهه وانا ۾ قائم جديد ڪيڊٽ ڪاليج جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ 500 ٻارڙا تعليم حاصل ڪندا جڏهن ته انهن منصوبن سان علائقي ۾ خوشحالي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، قبائلين سمورا واعدا پورا ٿيڻ تي آرمي چيف جو شڪريو ادا ڪيو. هوڏانهن مقامي قبائلين کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته فاٽا جي عوام جي بحالي جا منصوبا هر صورت ۾ مڪمل ڪيا ويندا، انهن منصوبن  سان فاٽا جي علائقن ۾ خوشحالي ايندي جيڪو اسانجو وڏو مقصد آهي جڏهن ته انهن منصوبن سان هتي جي عوام جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، فاٽا جي نوجوانن کي پيشيوراڻن ڪاليجن ۾ موڪلڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته ٽانڪ ڊي آئي خان روڊ 750 ڪلوميٽر مرڪزي اقتصادي راهداري جو حصو هوندي ۽ اُهو روڊ اقتصادي راهداري جي حصي طور افغانستان سان وڃي جڙندي. آرمي چيف چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ قبائلين جي قربانين ۽ حمايت تي شڪرگذار آهيون، قوم جي حمايت سان دهشتگردن کي سندن علائقن مان ڪڍي ڇڏيو آهي جڏهن ته آپريشن ضرب عضب آخري مرحلي ۽ ڪجهه علائقن ۾ آهي. هن چيو ته ٻيهر آبادڪاري جي منصوبن تي طرپور طريقي سان عمل ٿيندو ۽ آئي ڊي پيز جي واپسي طي ٿيل منصوبي تحت تمام بهتر هوندي جڏهن ته علائقي ۾ خوشحالي لاءِ قبائلي پنهنجو تعاون جاري رکن. آرمي چيف وڌيڪچيو ته دهشتگردن کي واپس اچڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي دهشتگردي جي خاتمي تائين پاڪ فوج واپس ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *