دهشتگردن جو وڌيڪ محفوظ پناهگاهون پنجاب ۾ آهن: خورشيد شاهه

اسلام آٻاد(م.ڊ) : قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته دهشتگردن جون محفوظ پناهه گاهون پنجاب ۾ آهن، نيشنل ايڪشن پلان تي سنڌ سرڪار سڀ کان وڌيڪ عمل ڪيو باقي ان تي صحيح عمل ناهي ٿي سگهيو، پنجاب ان ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڻي ۽ بجلي جي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سيد نويد قمر الزمان شاهه سان ماءُ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان فوج جي ماضي ۾ به حمايت ڪئي پر اسان سمجهون ٿا ته فوجي عدالتون مسئلن جو حل ناهن. هن چيو ته هڪ مائينڊ سيٽ آهي جنهن کي گولي سان ختم نٿو ڪري سگهجي. اسانجون سرحدون غيرمحفوظ آهن، افغانستان کليءَ طرح پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي، دهشتگرديءَ ۾ ملوث ماڻهن کي پناهه ڏيئي رهيو آهي. هن چيو ته محفوظ پاڪستان افغانستان جي حق ۾ آهي ۽ اهڙيءَ طرح محفوظ افغانستان پڻ پاڪستان جي حق ۾ آهي. هن چيو ته اسان اڪيلا ناهيون ٿيندا، اسان سڀني کي گڏ کڻي هلون ٿا. اسان انهن جماعتن کي به جمهوريت جي مفاد ۾ گڏ کڻي هليا آهيون جيڪا ماضيءَ ۾ ضياءَ جي حڪومت ۾ شامل هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *