دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، ڀارت کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي : پاڪ فوج

پشاور(م.ڊ) آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم سليم باجوا چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب جا هدف حقيقي معنيٰ ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ افغان حڪومت جو سهڪار اڻٽر آهي پر اهو سهڪار اڃا تائين اسان کي نه مليو آهي. اربع ڏينهن پشاور ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن ضرب عضب شروع ڪرڻ کانپوءِ ٽي ٽي پي جي اعليٰ قيادت افغانستان جي صوبي ڪنڙ مان مسلسل پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪري رهي آهي ۽ ان جي باوجود ته افغان حڪومت کي ان آپريشن جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ويو هو، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ افغان حڪومت طرفان پاڪستان سان ڪوبه سهڪار ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ خيبر ون ڪاميابيءَ سان جاري آهن. اُتر وزيرستان جا سمورا اهم رستا ڪليئر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته دته خيل کان اڳتي پاڪ فضائيه جا هوائي حملا جاري آهن. اُتر وزيرستان ۾ آپريشن کانپوءِ اهڙا اطلاع هئا ته دهشتگرد خيبر ايجنسي جي هڪ علائقي ۾ ٻيهر منظم ٿي سگهن ٿا، جنهن تي آپريشن خيبر ون شروع ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪ فوج آپريشن ضرب عضب ۽ خيبر ون بنا ڪنهن فرق جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي ۽ گهربل نتيجا حاصل ٿيڻ تائين جاري رکندي. هن چيو ته قبائلي عوام آپريشنز جي حوالي سان پاڪ فوج سان پورو سهڪار ڪري رهيو آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته محرم الحرام جي حوالي سان مؤثر سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي ۽ پاڪ فوج جون 134 ڪمپنيون محرم الحرام ۾ خاص فرضن جي ادائيگيءَ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته ڪجهه هنڌن تي فوجي جٿن جي مقرري ٿي چڪي آهي ۽ جتي جتي ضرورت هوندي اتي فوجي جٿا بنا ڪنهن دير جي پوزيشنون سنڀاليندا. هن چيو ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن به صورت ۾ دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي ۽ دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ته ٽي ٽي پي جي خان سيد سجنا گروپ سان ڳالهين لاءِ قبائلي جرڳي جي جوڙجڪ سرڪاري طور تي ناهي ٿي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ فوج جي انجنيئرنگ يونٽ ۽ ڊبليو ايف او اُتر وزيرستان ۾ نئين سر تعمير وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ڊي پيز جي واپسيءَ لاءِ منصوبا بندي پڻ ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي خواهش آهي ته جڏهن متاثر واپس پنهنجن گهرن ڏانهن وڃن ته کين رهڻ لاءِ پهرين کان بهتر جاءِ ملي. هن چيو ته متاثرن جي واپسيءَ جي حوالي سان ڪو ٽائيم فريم نٿو ڏئي سگهجي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻُڌايو ته آپريشن ضرب عضب دوران 132.5 ٽن بارودي مواد قبضي ۾ ورتو ويو آهي. ان کان علاوه 2 ملين کان وڌيڪ ايمونيشن رائونڊ ۽ 12 هزار 359 هٿيار به قبضي ۾ ورتي ويا آهن جيڪو خطرناڪ بارودي مواد هو اهو ضايع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جيڪو بارودي مواد محفوظ ٿي سگهيو ٿي ان کي محفوظ ڪيو ويو آهي. آپريشن ضرب عضب دوران 1100 کان وڌيڪ، جڏهن ته خيبر ون دوران 44 دهشتگرد مارجي ويا آهن. جڏهن ته 100 کان وڌيڪ دهشتگردن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز سوات واري صورتحال تي گهري نظر رکيو اچي. ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن جي تناظر ۾ سرچ آپريشن جاري آهن ۽ سوات جي رهواسين جي سهڪار سان انهن واقعن ۾ ملوث عنصرن جو خاتمو ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستاني علائقن ۾ افغان موبائل سمن جو استعمال افغان سرحد تي لڳل موبائل ٽاور جي ڪري ممڪن ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان افغان حڪومت کي آگاهه ڪيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغان حڪومت سرحدي علائقي ۾ لڳل موبائل ٽاورز کي هٽائي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت طرفان سرحد جي ڀڃڪڙين جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته سڄي ملڪ ۾ ڳجهي معلومات جي بنياد تي 2500 کان وڌيڪ آپريشنز هلندڙ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *