دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چارسده جي باچا خان يونيورٽي ۾ دهشتگردن جي ڪيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. هن چارسده يونيورسٽي سانحي جي سلسلي ۾ سنڌ صوبي ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ٽنهي ڏهاڙن تي قومي جهنڊو سرنگون رهندو ۽ اسڪولن ۾ ٽئي ڏينهن اسيمبلي دوران شهيدن لاءِ ايصال ثواب لاءِ دعا گهري ويندي. هن چيو ته دهشتگرن جي ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا ۽ هو اسان جي تعليمي ادارن تي حملا ڪري اسان کي مرغوب ڪرڻ چاهن ٿا پر اسان جي قوم جو مثال اتحاد انهن جي سمورن سازشن کي ناڪام ڪري ڇڏيندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ مان دهشتگردن جو مڪمل طور تي صفايو ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *