دهشتگردن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا، کين لکڻ نه ڏينداسين: نواز شريف

ڪوئيٽا (م.ڊ) وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته دهشتگرد جيتري به ڪوشش ڪن پاڪستاني قوم کي شڪست نٿا ڏئي سگهن، ظالمن کي هاڻي لڪڻ جــِي جاءِ به نه ملندي. ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي ٽوڙ فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته دهشتگرديءَ خلاف سڄي قوم متحد ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم کي شڪست ڏيڻ جا خواب ڏسندڙن کي ڪجهه به پلئه نه پوندو. ميان نواز شريف چيو ته وفاق جيان صوبائي حڪومتون به قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهيون آهن، دهشتگردن کي هاڻي لڪڻ جي به جاءِ نه ملندي. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد ڪارروايون تيز ٿي چڪيون آهن، جيڪو ان ڳالهه جو ثابت آهي ته شدت پسند هاڻي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن. نواز شريف چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ايندڙ نسل جي بقا جي جنگ آهي، جنهن ۾ قوم کي هر صورت ۾ ڪاميابي ماڻڻي آهي. ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ فورس جي پهرين دستي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب دوران بهادر جوانن پنهنجي صلاحيتن جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، وڏو وزير عبدالمالڪ بلوچ، سرحدي معاملن وارو وزير عبدالقادر بلوچ، نون ليگ جو سينيئر اڳواڻ ثناءُ الله زهري سميت بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر به موجود هئا. پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب دوران ڪائونٽر ٽيرر ِازم فورس جي پهرين دستي ۾ شامل بهادر جوانن پنهنجي صلاحيتن جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو جنهن جي تقريب ۾ شريڪ شخصيتن ڀرپور ساراهه ڪئي. دهشتگردي ٽوڙ فورسز جي پهرين مرحلي ۾ پاس آئوٽ ٿيندڙن ۾ 200 اهلڪار شامل آهن جن ۾ 18 عورتون به آهن جڏهن ته سمورن اهلڪارن جو تعلق پوليس سان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *