دنيا کي هن وقت اڀرندڙ نئين پاڪستان جي ضرورت آهي، اقتصادي طور تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگهجي: عارف علوي

لاهور (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جن ملڪن پنهنجا ادارا مضبوط ڪيا اهي ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن ترقي ڪئي، فيصلا ڪرڻ ۾ بيورو ڪريسي ۽ وزارتن جو هٿ هوندو آهي، جيڪڏهن فيصلا ڪرڻ ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي ته ان فيصلي جي رد ٿيڻ جا امڪان نه رهندا موجوده حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٻاهرين سيڙپڪاري سان ملڪ ۾ نوان صنعتي زون ٺهي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ ملڪ ترقي جي دڳ تي هلي پيو آهي ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري سان ملڪ ۾ نوان صنعتي زون ٺهي رهيا آهن حڪومت صنعتي انقلاب تي يقين رکي ٿي، ڪرونا سان پوري دنيا متاثر ٿي پر پاڪستان ان کي ڪافي حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو دنيا کي هن وقت اڀرندڙ نئين پاڪستان جي ضرورت آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 114هين نيشنل مئنجمينٽ ڪورس جي شريڪ ٿيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ ۽ چيني سيڙپڪاري سان قائم چئلنج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو چئلينج ٽيڪسٽائيل فيڪتري جي ايم ڊي ڪيرن چن ۽ پاڪستان تاجر قمر خان بوبي پاڪستان جي صدر کي بريفنگ ڏني ان موقعي تي صدر 150 ملين ڊالر سان شروع ٿيندڙ چئلنج ٽيڪسٽائل پارڪ جو به افتتاح ڪيو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 114هين نيشنل مئنجمينٽ ڪورش ۾ شريڪ ٿيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي اسان کي ان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪي قدم هاڻي کنيا پيا وڃن اهي اڳ کڻڻ گهرجن ها. ملڪ وسيلن سان نه پر ذهني سوچ سان تبديل ٿيندا آهن، پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي، هن چيو ته بهترين علم اهو هوندو آهي جيڪو اهو سيکاري ته اڃا گهڻو ڪجهه سکڻو آهي ۽ اسان کي ان شئي تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت اهي ته علم ۽ رويو ڇا سيکاري ٿو ڇا نٿو سيکاري، علم سيکاريو ويندو آهي جڏهن ته رويو انسان ماحول ۽ ننڍپڻ کان ئي سکي ٿو. مشاهدي ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته انسانن جو رويو مختلف موقعن تي مختلف ماڻهن سان الڳ الڳ هوندو آهي هن چيو ته اسان جو رويو هميشه پاڻ کان مٿي واري سان صحيح ۽ هيٺ واري سان ڪجهه ٻيو هوندو آهي جنهن ج اسان کي احساس ڪرڻ گهرجي ان حوالي سان اسان کي مذهب ۽ پاڻ سڳورن جي سٺن اخلاقن تي عمل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته اسلامي تاريخ روايتن سان ڀري پئي آهي جنهن ۾ سبق ملي ٿو ته انسان جو انسان سان رويو ڪهڙو هئڻ گهرجي صدر چيو ته جن ملڪن پنهنجا ادارا مضبوط ڪيا اهي ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن ترقي ڪئي صدر عارف علوي چيو ته سول سرونٽنس عوامي خدمت دوران پنهنجو اخلاق ۽ همدردي نه ڇڏين هن چيو ته بيرو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. صدر عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بيورو ڪريسي ۾ وڌ کان وڌ عورتون به شامل ٿين ته جيئن اهي به عوام جي خدمت ڪري سگهن ۽ هڪ توازن قائم ٿئي. ڊاڪٽر عارف علوي سول سرونٽس سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اڀرندڙ ليڊر آيو اوهان ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ان کان اڳ ڊاڪٽر اعجاز منير آجياڻو ڏنو، صدر عارف علوي ڪورس جي 62 شريڪن ۾ صرف سرٽيفڪيٽ ورهايا ۽ کين مبارڪون ڏنيون چئلنج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي چئلنج ٽيڪسٽائيل جهڙي سيڙپڪاري جي وڌيڪ ضرورت اهي پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي جتي پرڏيهي سيڙپڪارن کي تحفظ ڏنو ويندو هن چيو ته پاڪ چين دوستي تي اسان کي فخر اهي ۽ چيني سيڙپڪاري سان ملڪ صنعتي انقلاب ڏانهن وڃي رهيو آهي، صدر چيو ته تازو ئي ڪرونا وبا سبب سڄي دنيا متاثر ٿي پر پاڪستان وبا کي روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب رهيو. جڏهن ته ان جي خلاف ويڪسين تيار ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *