دنيا ثقافتي ورثي جو تحفظ ڪري ٿي، اسان تاريخي ماڳ ۽ عمارتون تباهه ڪري ڇڏيون: چيف جسٽس

ڪراچي (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ هندو جيمخانه کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ آفسون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا متبادل جڳهه تائين ناپا کي هندو جيمخانه مان نه ڪڍيو وڃي جمعي تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ هندو جيمخانه جي بحالي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران سيڪريٽري ڪلچر سنڌ، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا، ثقافتي امارتن جي مناسب سارسنڀال نه ٿيڻ تي چيف جسٽس گلزار احمد سيڪريٽري ڪلچر تي ڪاوڙجي پيو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن تاريخي عمارت اندر ڪي نيون اڏاوتون ٿيون ته ڪيرائڻيون پونديون چيف جسٽس ڪاوڙ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اهڙي طرح سڀاڻي مهتا پيليس تي اڏاوت ڪري ڇڏيندا ايئن ته ڪائي تاريخي امارت نه بچندي جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته ناپا کي تاريخي عمارت ۾ نئين اڏاوت جي اجازت ڪنهن ڏني؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ناپا پاڻ ڪيئن اڏاوت ڪئي. ناپا کي ته رڳو پنهنجي سرگرمين تائين جڳهه ڏني وئي هئي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت ناپا کي آڊيٽوريم ٺاهڻ جي اجازت ڏني؟ ناپا جي وڪيل فيصل صديقي ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته اسان ٿيٽر بڻايو جيڪو عمارت کان گهڻو پري آهي، ٿيٽر جو جيمخانه عمارت سان ڪوئي تعلق نه آهي، عورت سرڪاري وڪيل موقف ڏنو ته هندو مندر کي ختم ڪيو ويو، جسٽس اعجاز الاحسن يرمارڪس ڏنا ته هر عبادتگاهه اسان جي لاءِ محترم آهي، اوهان مذهبي جذبن بابت ان تي نه ڳالهايو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مارڪي ڇو ٺاهي ويئي جيمخانه ۾؟ ان مارڪي کي ته هتي نه هئڻ گهرجي، ورهاڱي کان اڳ مسلم ۽ هندو جيمخانه ڌار ڌار ٺاهيا ويا هئا اڄ مسلم جيمخانو پنهنجي اصل حالت ۾ موجود آهي پر هندو جيمخانه جي ايراضي علي ڳڙهه يونيورسٽي ۽ بين کي ڏني وئي علي ڳڙهه يونيورسٽي کي به اتانخ تم ٿيڻ گهرجي جسٽس قاضي محمد امين احمد ناپا وڪيل کي چيو ته اوهان به ته قابض ٿيا فيصل صديقي موقف ڏنو ته جيڪڏهن اسان مندر کي ٽوڙيو هجي يا متاثر ڪيو هجي ته ٿيٽر ڀلي ٽوڙي ڇڏيو. ناپا جي اڏاوت بلڪل پوئتي ۽ مندر کان پري آهي سپريم ڪورٽ ڪمشنر ڪراچي کي چيو ته قائداعظم مزار جي ڀرپاسي آثار قديمه جو علائقو آهي ان سڀ کي ڪيرائي عمارتون ڪيئن ٺهي رهيون آهن جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته کين ڪير اجازت ڏئي رهيو آهي عمارتون ٺاهڻ جي چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪا تاريخي بلڊنگ ڪيرائڻي هجي، ان کي زبون قرار ڏيو ۽ ڪيرايو ۽ نئين بلڊنگ ٺاهي ڇڏيو. سول لائين تي سڀ پراڻا گهر ڪيرايا پيا وڃن. دنيا ۾ ڏٺو آهي ته جيترو آثار قديمه جو قدر هوندو آهي، لياقت لائبريري ڪٿي ٺاهي ڇڏي، ڪوئي وڃي ئي نٿو چيف جسٽس گلزار احمد ڪمشنر ڪراچي کي ڇنڊ پٽي ڇڏي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪمشنر ڪراچي ڪٿي هئا صبح، اوهان کي گهرايو هو، ڪمشنر ڪراچي صاحب اوهان نوان نوان آيا آهيو اوهان کي رعايت ڏئي رهيا آهيون ٻي صورت ۾ اهڙي ڪوتاهي برداشت نٿا ڪريون ڪمشنر ڪراچي چيو ته مان معافي چاهيان ٿو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته معافي جي ڇا ڳالهه آهي ناپا کي آرٽس ڪائونسل ۾ جڳهه ڏيڻ بابت ڪمشنر رڪاچي جي بيان تي عدالت ڪاوڙجي پئي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آرٽس ڪائونسل ڇا اهڙو هوندو آهي؟ آرٽس ڪائونسل جي نالي تي چٽو آهي آرٽس ڪائونسل دنيا ۾ اهڙا هوندا آهن، آرٽس ڪائونس ۾ آرٽس واري ڪائي شئي نه آهي ڪمشنر صاحب هي اوهان جو شهر آهي، اوهان کي ڪابه خبر نه آهي؟ ڪراچي کي ڪيترو ڏٺو اوهان، ڪمشنر ڪراچي جواب ڏيندي چيو ته ڏٺو آهي 50 سيڪڙو تائين، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اصل شهر جي شڪل ته اوهان ڏٺي نه آهي، گوليمار ويا، بنارس ڪورنگي ويا، اوهان ڪڏهن؟ جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيوت ها وهان جو تعلق ڪٿان سان آهي، ڪمشنر ڪراچي چيو ته منهنجو تعلق حيدرآباد سان آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته حيدرآباد جون حالتون ته ڪراچي کان به خراب آهي زيبن نساء روڊ تي سڀ عمارتون ڪيرائي ڇڏيون ڪنهن کي ڪوئي احسان نه ٿيو، بندووالا بلنڊنگ کي به ڪرايو ويو ڪراچي ڇا سکر به ختم ڪري ڇڏيو سکر ۾ بئراج ڪالوني جا بنگلا ڪيرائي ڇڏيا چيف جسٽس سيڪريٽري ڪلچر تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته اوهان آثار قديمه تباهه ڪرڻ نڪتا آيو اسان جا سيڪريٽري پنهنجين آفيسن ۾ ويهي رهن ٿا انهن کي ڪهڙي خبر ڪلچر ڇا ٿيندو سيڪريٽري ڪلچر سنڌ چيو ته ڪلچر لاءِ وڏي رقم رکي آهي، سيڪريٽري ثقافت چيو ته اسان وٽ موهن جو ڌڙو آهي، مڪلي ۽ هڙپا آهي چيف جسٽس چيو ته موهن جو ڌڙو ۽ مڪلي مان ماڻهو سرون به کڻي ويا آهن هن چيو ته اوهان ڪوئي ڪم ڪريو ته هيريٽيج کاتي کي پئسا ڏيو مڪلي ۾ ڪتا نظر ايندا آهن، سنڌ سڀ کان وڌيڪ تباهه آهي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته پراڻين عمارت جي ڪائي ويليو نه آهي مڪلي ۾ قبرن مان سرون کڻي ويا ماڻهو چيف جسٽس گلزار حمد ريمارڪس ڏنا ته وڃو برنس روڊ ۽ پاڪستان چوڪ ڏسو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اهڙي سائيٽ هجي ها ته ٽوئرزم جو زريعو بڻجي وڃي ها وڃي ڏسو برنس روڊ تي ماڻهن مٿي اسٽريڪچر ٺاهي ورتو آهي، چيف جسٽس ڪاوڙ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان ماڻهن هيري ٽيج کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي اوهان ماڻهو ڌٻو آفيس مان ٻاهر نڪرو ته خبر پوي. ڪيئن ٿيندي آئي حفاظت؟ ڇا ڪري رهيا آهيو اوهان ماڻهو سيڪريٽريٽ جي پٺيان هليا وڃون هزارين خوبصورت عمارتون آهن اوهان ماڻهو سوچي به نٿا سگهو اهڙيون عمارت ٺاهڻ لاءِ سپريم ڪورٽ هندو جيمخانه ۾ مارڪي ۽ آفيسون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ٻڌڻي ايندڙ سيشن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *