دنيا افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور انجيلا ايجلر آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارا معاملا، افغانستان جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون آئي ايس پي آر مطابق ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان ٻطرفي لاڳاپن جي روايت کي برقرار رکڻ ۽ آمريڪا سان جٽادار لاڳاپن جو خواهشمند آهي، آرمي چيف انساني بحران کان بچڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ترقي لاءِ بهترين ڪوششن لاءِ افغانستان جي معاملي تي عالمي سطح تي گڏجڻ جي ضرورت کي به ورجايو هن افغان صورتحال، علائقائي استعمال لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي تعاون ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *