دل والي فلم ”دل والي دلهنيا لي جائين گي“ وارو جادو نه جاڳائي سگهندي: شاهه رُخ خان

ممبئي(اسپورٽس نيوز) اداڪار شاهه رُخ خان چيو آهي ته سندس ايندڙ فلم ”دل والي“ فلم ”دل والي دلهنيا لي جائين گي“ وارو جادو نه جڳائي سگهندي، جيڪا هن 20 سال اڳ ڪاجول سان ڪئي هئي. هن چيو ته ڇو ته هن قوت دؤر بدلجي ويو آهي. ان لاءِ اهو نٿو چئي سگهجي ته دل والي ”دل والي دلهنيا لي جائين گي“ جهڙو جادو جڳائي سگهندي. هن وقت اسان فلم ٺاهي ان جي ڪاميابي سلور ”گولڊن ۽ پلاٽينيم جوبلي“ سان ماپيندا هياسين پر هاڻي ٻن هفتن ۾ فلم جي ڪامياب يا ناڪام ٿيڻ جو پتو پئيجي ويندو آهي ۽ پيسو وصول ٿي ويندو آهي. يعيني هڪ ڪامياب فلم جي زندگي پڻ رڳو ٻه هفتا ٿي وئي آهي. فلم جو هڪ گانو آئس لينڊ ۾ شوٽ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *