دعويٰ سان چوان ٿو ته مظاهرين تي فائرنگ ڪندڙ شخص جو پوليس يا (ن) ليگ سان تعلق ناهي: رانا ثناءُالله

لاهور (م.ڊ) پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته دعويٰ سان چوان ٿو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي فائرنگ ڪرڻ شخص جو واسطوپوليس يا اسان جي پارٽي سان نه آهي فائرنگ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويندو. فائرنگ ڪندڙ شخص جي فوٽيج تيار ڪئي ويئي ۽ جاچ کان پوءِ جوابدار پي ٽي آءِ جو ڪارڪن ئي ثابت ٿي ويندو. عمران خان فيصل آباد ۾ پنهنجي هڙتال جي ڪال جو حشر ڏسي ورتو آهي دڪان زبردستي بند ڪرائندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي پنهنجي بيان ۽ خانگي ٽِ وي سان ڳالائيندي رانا ثناءُالله خان چيو ته فيصل آباد جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته هو نوازشريف جو سپاهي آهي هڙتال سال اربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو ڇا پي ٽي آءِ جي اها ئي پاليسي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *