دعا زھرا ڪيس: آئي جي سنڌ عهدي جي لاءِ اهل آهي يا نه؟: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سومر تي به دعا زهره کي پيش نه ڪيو ويو جنهن کان پوءِ عدالت آئي جي سنڌ ڪامران فضل کان چارج وٺڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو دعا زهره ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ عدالتي حڪم جي باوجود 30 مئي تي به دعا زهره کي پيش نه ڪيو ويو جنهن تي عدالت لکت ۾ حڪم جاري ڪندي آئي جي سنڌ ڪامران فضل کان چارج وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي عدالت دعا زهره ڪيس ۾ لکت فيصلي ۾ چيو ته آئي جي سنڌ ڪامران فضل حير حقيقي رپورٽ پيش ڪئي جيڪا رد ڪئي وڃي ٿي آئي جي سنڌ جي چارج ڪنهن اهل آفيسر کيڏني وڃي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پنهنجي راءِ ڏي ته ڪاامران فضل هن عهدي جي اهل آهي يا نه اسان بهتر سمجهون ٿا ته هن مسئلي کي انتظاميه تي ڇڏيو وڃي ايم آئي ٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا عدالتي حڪم نئين مقرر ٿيندڙ آفيسر کي پهچائي هن کان اڳ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته دعا زهره يا مانسره ۾ آهي جنهن تي عدالت آئي جي سنڌ کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دعا زهره ۽ نمره ڪاظمي جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي نمره کي ته پيش ڪيو ويو جڏهن ته دعا پيش نه ٿي سگهي دعا زهره جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته اسان ڳڙهي حبيب الله ۾ ڇاپو هنيو کين اطلاع ملي ويو هڪ ڪلاڪ پهريان اتان هي ماڻهو نڪري ويا جسٽس اقبال ريمارڪس ڏنا ته ڇوڪري جو والد مالهي آهي اوهان چئي رهيا آهيو ڊي آئي جي ان جي مدد ڪري رهيو آهي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي چيو ته ڊي آئي جي هزاره، ايس ايس پي مانسره کي طلب ڪريو عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان سوال ڪيو ته ڇا اسان ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي کي حڪم ڏئي سگهون ٿا جسٽس اقبال ڪلهوڙو ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان سوال ڪيو ته اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جو ڪم اتان جي ڊي آئي جي وغيره ڪن ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته اتان جا آفيسر آئي جي سنڌ سان رابطي ۾ آهن جسٽس آغا فيصل چيو ته اسان کي به پوليس هتي اچي اهو ئي ٻڌائي رهي آهي جسٽس آغا فيصل ريمارڪس ڏنا ته هي اسان جو ڪو ذاتي مسئلو نه آهي هڪ ٻارڙي لاپته آهي جيتري ڪوشش عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ لڳي رهي آهي ٻارڙي جي بازيابي لاءِ هڪ سيڪڙو به ڪئي وڃي ها ته ملي وڃي ها جسٽس اقبال ريمارڪس ڏنا ته گذريل ٻڌڻي تي ته ڪي پي ڪي پهچائي ڇڏيو هو اڄ هزاره ۾ آهي ٻڌائي رهيا آهن سڀاڻي چوندا ته افغانستان مان سگنل اچي رهيا آهن ته اسان ڇا ڪنداسين جسٽس آغا فيصل چيو ته اسان اوهان کي هر قسم جي رعايت ڏني آهي جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته ڇا صوبي جي پوليس ايڏي نااهل ٿي چڪي آهي هي عدالت 21 ڏينهن کان حڪم جاري ڪري رهي آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ سوال ڪيو ته پوليس بازياب نه ڪرائيندي ته ڪير ٻارڙي کي بازياب ڪرائيندو هاءِ ڪورٽ سوال ڪيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري ڇا چيو آهي جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته آئي جي کي شوڪاز جاري ڪري رهيا آهيون ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي چيو ته اوهان چئي ڇڏيو آئي جي کي شوڪاز جاري ڪري رهيا اهيون خبرون هلي ويون هونديون جج جواب ڏنو ته اسان کي خبرن جي پرواهه نه آهي جسٽس آغا فيصل چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل اوهان کي آفيسرن جي ڳڻتي هوندي اسان کي عوام جي آهي جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته ٻارڙي افغانستان به ويل هجي ها ته اسان اوهان کي چئون ها ته بازياب ڪرايو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *